12.5 ايڪڙ زمين رکندڙ ننڍن هارين کي ٻج ۽ ڀاڻ لاءِ وڌيڪ رقم ڏني ويندي: وڏو وزير

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي بئنڪ جي مشاورت سان فيصلو ڪيو آهي ته 12.5 ايڪڙ زمين رکندڙ ننڍن هارين کي ٻج ۽ ڀاڻ لاءِ وڌيڪ رقم ڏني ويندي جڏهن ته 5 هزار رپيا في ايڪڙ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ورلڊ بينڪ جي ريجنل ڊائريڪٽر جان روم سان وزيراعليٰ هائوس ۾  ملاقات ۾ ڪيو، جيڪو صوبائي حڪومت پاران ٻوڏ ۾ پنهنجا گهر وڃائڻ وارن ننڍن هارين ۽ گهرن جي سروي لاءِ تيار ڪيل طريقي ڪار جو معائنو ڪرڻ لاءِ آيا هئا. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، سنڌ جي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي ۽ ورلڊ بينڪ جي عبدالرزاق شرڪت ڪئي جڏهن ته ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مسٽر ناجي بنهاسين ۽ سندس ٽيم وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ننڍن هارين جو سروي ڪيو پيو وڃي ته جيئن کين ڄاڻايل مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم (MIS) ۾ رجسٽرڊ ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت وفاقي حڪومت جي سهڪار سان سمورن هارين ۾ 5 هزار رپيا في ايڪڙ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گهرن جي تعمير بابت هن چيو ته  برساتن سبب تباهه ٿيل گهرن جي اڏاوت واري معاملي تي پڻ اجلاس ۾ غور ويچار ڪيو ويو. ورلڊ بئنڪ گهرن جي تعمير لاءِ 110 ارب رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي جنهن لاءِ طريقيڪار طئي ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته ورلڊ بئنڪ جي سفارش تي پيپلز هائوسنگ ڪمپني قائم ڪئي وئي آهي جنهن کي نظام ۽ آپريشن ڊيولپمينٽ لاءِ 500 ملين رپيا ڏنا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ ڪابينا 50 ارب رپين جو هائوسنگ پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. هن وڌيڪ چيو ته آپريٽر/ پارٽنر اين جي اوز کي هڪ هفتي اندر سسٽم ۾ شامل ڪيو ويندو ته جيئن رقم متاثر ماڻهن ۾ ورهائي سگهجي. سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بئنڪ اڳ ۾ ئي ان ڳالهه تي اتفاق ڪري چڪا آهن ته گهرن جي تعمير شروع ڪرڻ لاءِ پهرين هر هڪ ٻوڏ متاثر کي 50 هزار رپيا ڏنا ويندا ۽ باقي 250000 رپيا گهرن جي ڀتين کڄڻ تائين ڪم مڪمل ٿيندي کين ڏنا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.