ڊالر کي لغام نه آيو، جو اگهه 223 رپين کان وڌي ويو

ڪراچي(رپورٽر) ڊالر جي اڏام جاري آهي جنهن سبب جمعي تي ڊالر جو اگهه 223 رپين کان به وڌي ويو آهي. ميڊيا رپورٽ موجب رپي جي قدر کي آزاد رکڻ لاءِ آءِ ايم ايف جي سڌي دٻاءُ سبب ڊالر جي ملهه ۾ واڌ ٿي رهي آهي، آءِ ايم ايف پاران پاڪستان جي نائين ريويو کي به هن وقت تائين نظرانداز ڪيو ويو آهي جيڪو مقامي مارڪيٽ ۾ رپئي جي بي قدري جو سبب آهي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر 45 پيسا وڌڻ بعد 229.95 رپين تي پهچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.