گمبٽ جي ڪچي ۾ڪارنهن تڪرار تان 2 نوجوان قتل، لاڙڪاڻو-خيرپور روڊ تي لاش رکي ڌرڻو

خيرپور (رپورٽ شاهد نواز سيال) گمبٽ جي ڪچي ۾ ڪارنهن تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2  نوجوان مارجي ويا، وارثن لاش خيرپور-لاڙڪاڻو روڊ تي رکي ڌرڻو ھڻي ڇڏيو.رپورٽ موجب لانڍيون ٿاڻي جي حد  انڙ پيٽرول پمپ لڳ نامعلوم هٿياربندن گوليون هڻي ڳوٺ عارب ڪلهوڙو واسي شهمير پٽ عالم ڪلهوڙو ۽  عمر پٽ آچر ڪلهوڙو کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا، واقعي جو ڪارڻ جتوئي-ڪلهوڙا برادرين وچ ۾ڪارنهن تڪرار ٻڌايو پيو وڃي.هوڏانهن مقتولن جي وارثن ٻئي لاش لاڙڪاڻو-خيرپور روڊ تي رکي جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وارثن کي قاتلن جي گرفتاريءَ جو يقين ڏياري 3 ڪلاڪن بعد ٽرئفڪ بحال ڪرائي.ٻئي طرف پوليس لاش تحويل ۾ وٺي، گمبٽ اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا. مارجي ويلن جون آخري رسمون  اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪيو ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.