خواجه سرائن جو اسيمبلين ۾ نمائندگي لاءِ20 نومبر تي مورت مارچ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) خواجا سرائن اسيمبلين ۾ نمائندگي ڏيڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان هڪ هڪ سيٽ جو مطالبو ڪندي 20 نومبر تي ڪراچي ۾ مورت مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شھزادي راءِ، بنديا رانا، حنا بلوچ، ڊاڪٽر مهراب اعواڻ ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 20 نومبر تي سنڌ مورت مارچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ بنيادي انساني ۽ شهري حق، عزت، برابري ۽ احترام سان گڏ جيئڻ لاءِ جدجهد جو عزم ورجايو ويندو. خواجه سرائن چيو ته مورت مارچ به سندن جدوجهد جي هڪ ڪَڙي آهي، هنن چيو ته اسان جو آواز اعلي ايوانن ۾ ٻڌو وڃي ۽ اسان جي جائز مطالبن تي سنجيدگي جو مظاهرو ٿيڻ کپي ته ملڪ ۾ رهندڙ هر ماڻهو کي قانوني ۽ ِآئيني حقن جي حاصلات ٿئي، پيمرا سخت نوٽيس وٺي هر انهي عمل جو جيڪا ٻولي خواجه سرائن خلاف اسڪرين تي ڳالهائي وڃي ٿي، جڏهن ته وفاقي ءِ صوبائي حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته هڪ سيٽ خواجه سرائن لاِ مخصوص ڪئي وڃي ته جيئن اسان کي نمائندگي ملي. هنن چيو ته نصاب ۾ خواجه سرائن جي تاريخ بابت ڪجهه لکيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي آگاهي ملي ۽ اسان خلاف ماڻهن جي ذهنن ۾ نفرت گهٽ ٿئي،  روزمره جي بنياد تي پبلڪ ۽ پرائيوٽ ادارن ۾ خواجه سرائن جي عزت لاءِ مهم جو آغاز ڪيو وڃي ته جيئن سماج ۾ تبديلي اچي ۽ خواجه سرائن لاءِ 2018ع ۾ ٺاهيل  قانون کي اصل حالت ۾آڻي حتمي آئيني شڪل ڏني وڃي. هنن چيو ته خواجه سرائن کي والدين طرفان گهرن مان نيڪالي ڏيڻ ۽ ملڪيتن مان بي دخل ڪرڻ ڏوھ قرار ڏنو وڃي، حڪومت طرفان کدڙن فقيرن لاءِ 2 سيڪڙو ڪوٽا فوري لاڳو ڪري ۽ ان تي عمل ڪري خواجه سرائن کي نوڪريون ڏنيون وڃن.. هن چيو ته پاڪستان پهريون اسلامي ملڪ آهي، جتي بين الاقوامي سطح تي نمائندگي لاءِ هڪ خواجه سرا ڪئي، جيڪا تاريخ رقم ٿي آهي، جڏهن به خواجه سرا ڪميونٽي جي حق ۾ ڪو قانون پاس ٿيندو آهي ته الائجي ڇو مذهبي تنظيمون تحرڪ ۾ اچي وڃن ٿيون، جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.