قتل ڪيس ۾ گهربل قمبر واسي پ پ اڳواڻ جو ڀاءُ گرفتار

قمبر (ت ر) پوليس اهلڪارن نعيم عباس قريشي جي  قتل ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار پ پ اڳواڻ پنهل سومرو جو ڀاءُ لياقت علي سومرو پوليس هٿان اڻڄاتل هنڌ کان گرفتار ٿي ويو، سٽي ٿاڻي پوليس جوبدار جي گرفتاري ظاهري ڪندي دعوي ڪئي آهي ته سٽي ٿاڻي جي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي نامعلوم هنڌ تي ڇاپو هڻي پوليس اهلڪارن نعيم عباس قريشي کي قتل ڪندڙ ۽ سندس والد عباس قريشي کي زخمي ڪندڙ جوابدار لياقت سومرو کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته اطلاع آهن ته جوابدار کي ڪنهن بااثر جي معرفت ڪراچي پوليس حوالي ڪيو ويو هو جن قمبر جي ايس ايس پي سان رابطو ڪري جوابدار کي حوالي ڪرڻ جو اطلاع ڏنو آهي جنهن لاءِ قمبر سٽي ٿاڻي جو ايس ايڇ او ڪراچي روانو ٿي ويو آهي، ياد رهي ته قاتل جي گرفتاري لاءِ ڪيترن ڏينهن احتجاج ڪري رهيا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.