شڪارپور واسي برسات متاثرن جو سکر ۾ احتجاج

سکر (رپورٽر ) شڪارپور جي رھواسي سيلاب متاثر قربان علي شر پنھنجي ٻار سميت سکر پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو آهي ته شڪارپور جي ڳوٺ خدا بخش شر ۾ سيلاب تباھي مچائي ڇڏي آهي اسان کي رھڻ لاءِ گھر به ناھي بچيو. گھر ۾ پيل سمورو سامان پڻ ضايع ٿي ويو آھي. حڪومت پاران ھن وقت تائين منھنجي ڪا به مدد ناھي ڪئي وئي ۽ نه ئي راشن فراھم ڪيو ويو آھي. جنھن سبب سخت پريشانين کي منھن ڏئي رھيا آھيون. ھن وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندس مدد ڪئي وڃي.

  • محمود گهوٽو صحافي طور عوامي حقن لاءِ ڀرپور جاکوڙ ڪئي: مقرر

ملير/ سرجاني ٽائون) نمائندا ) گڏاپ جي علائقي مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ سماجي تنظيم ڪراچي رورل نيٽورڪ ڪرن پاران سوشل  ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن هال ۾ محمود گهوٽو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ 5 ورسي جي تقريب ڪوٺائي وئي ڀيٽا تقريب دوران سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين  نور حسن جوکيو، فاروق ڀنگوار,خليل احمد واڍيلو، نظير احمد چنا ۽ ٻين چيو تہ محمود گهوٽو هڪ بهادر ۽ دلير صحافي هو، جنهن هميشه ملير جي غريب ۽ مسڪين عوام جي سچي دل سان خدمت ڪئي. هنن وڌيڪ چيو تہ هوملير جي ڏورانهن علائقن ۾ وڃي پنهنجي ماروئڙن  جي مسئلن کي پنهنجي مقامي اخبار ۾ شايع ڪندو هيو، ملير جي عوام لاءِ سندس ڪيل خدمتن عيوض هي پروگرام ثابت ڪري رهيو آهي تہ مرحوم  محمود گهوٽو اڄ بہ ملير عوام جي دلين ۾ زنده آهي،هنن چيوته محمود گهوٽو گردن جي بيماري ۾ مبتلا هوندي بہ بهادري سان ملير جي عوام جو خدمت ڪندو رهيو.

  • مقصودو رند ۾ حاجي مينهون خان رند سپر ليگ، مھراڻ اليون فاتح

مقصودو رند(ن.ع.آ)  مقصودو رند ۾ علائقائي ڪرڪيٽ تنظيم جي چيئرمين حاجي راحب علي رند جي نگراني ۾ جاري ٻيو حاجي  مينھون خان رند سپر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي 5 ۾ اي.سي ٽي زلمي اليون جي ٽيم اي سي ٽي مهراڻ اليون  جي ٽيم خلاف ٽاس کٽي پهريان بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پهريان بيٽنگ ڪندي اي سي ٽي مهراڻ اليون جي ٽيم جلال منگي  جي 42 رنسن جي مدد سان مقرر 10 اوورن ۾ 161 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جواب ۾ اي سي ٽي زلمي اليون جي ٽيم مظھر رند جي 44 رنسن جي مدد سان 10 اوورن ۾ 106 رنسون ٺاهيون مئچ ۾ بهترين بيٽنگ ۽ بالنگ ڪرڻ تي طيب حسين  کي آيل معزز مھمان محسن علي رند  مين آف دي ميچ ايوارڊ ڏنو.

  • پني عاقل ۾ اهلڪار جو گهرڀاتين سميت ڊي ايس پي خلاف ڌرڻو، ڌي اغوا جا الزام

پنوعاقل (رپورٽ : رستم انڍڙ) پنوعاقل۾ پوليس اهلڪار الله بچايو چاچڙ ۽ سندس گھر ڀاتين پاران ڊي ايس پي پنوعاقل محيع الدين ڪلوڙ خلاف چونگا اسٽاپ وٽان قومي شاهراھ کي بند ڪري ڌرڻون ھنيو ويو ۽ ايندڙ ويندڙ گاڏين تي پٿراءُ پڻ ڪيو ويو، ان موقعي تي پوليس اھلڪار الله بچايو چاچڙ سنگين الزام ھڻندي چيو ته ڊي ايس پي پنوعاقل محيع الدين ڪلوڙ منھنجي ڌي فوزيه کي زبردستي پاڻ وٽ قيد ڪري رکيو آھي ۽ جيڪو مخالفن سان ملي ڪري منھنجي ڌيءَ کي زبردستي پرڻائڻ چاھي ۽ ڪارنھن ڏيئي مارائڻ چاھي ٿو، ڌرڻو بائجي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ ٻين جي مداخلت تي ختم ڪيو ويو ، ھوڏانھن ڊي ايس پي پنوعاقل محيع الدين ڪلوڙ جو چوڻ هو ته چاچڙ برادري جو پاڻ ۾ رشتن تان جھيڙو ھلندڙ آھي سٽي ٿاڻي تي 365 بي ايف آئي آر داخل ٿيل آھي، جنھن ۾ نينگري فوزيه عرف راڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش جو ڄاڻايو ويو آھي، جنھن سبب جاچ لاءِ ٻئي ڌريون آفيس آيون ھون اتي پاڻ ۾ اٽڪي پيون جنھن ڪري نينگري جي جان کي خطرو سمجھي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ نينگري کي عدالت ۾ بيان لاءِ 15 سکر ليڊيز پوليس حوالي ڪيو ويو آھي، جيڪا سڀاڻي ٻيھر بيان لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته اغوا ۽ قيد ڪرڻ جو الزام بي بنياد آھي ڌريون پاڻ ۾ اٽڪڻ کانپوءِ وڃي ڪري ڌرڻو ھنيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.