ميان صاحب ۾ مالوندن کي سرڪاري بهه ۽ راشن نه مليو، احتجاج

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ۾ ڊپِٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ شڪارپور پاران متاثر مالوندن جي چوپائي مال لاءِ آيل سرڪاري بھ ۽ راشن نه ڏنو ويو ، ان ڏس ۾ متاثر مالوندن صحافين آڏو احتجاجي مظاهرو رڪارڊ ڪرايو، احتجاج ڪندڙ متاثر مالوند محمد رمضان ملڪ ، محمد علي  ٽانوري ، محمود ، ظفرالله رند ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر گل بھار ناريجو ڪيترن ئي گوٺن کي نظرانداز ڪري چوپائي مال لاءِ آيل سرڪاري راشن وڪرو ڪري رھيو آھي ھنن وڌيڪ چيو ته چونڊيل نمائندن ، بااثر وڏيرن ۽ ڪرپٽ ڪامورن ۽ ڊاڪٽر گلبهار ناريجو سميت سڀني جي ملي ڀڳت سان غريبن جو حق من پسند ماڻهن کي اڌ رقم تي وڪرو ڪيو پيو وڃي غريبن کي سڄو ڏينهن لائن ۾ بيهاري دربدر ڪري رهيا آهن جن کان ڪوئي پڇڻ وارو ڪونهي ھنن ڊي سي شڪارپور کان گھر ڪندي چيو ته هن ڪرپٽ لائيو اسٽاڪ آفيسر گلبهار ناريجو کي فوري طور ھٽائي سندس جاءَ تي ايماندار آفيسر مقرر ڪري غريبن جو حق ڏنو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.