آمريڪي قونصل خاني ڪراچي پاران تعليم جو عالمي ھفتو

ڪراچي (پ ر) آمريڪي قونصلخاني ڪراچي ۽ ايجوڪيشن يو ايس اي پاران تعليم جو عالمي ھفتو ملھايو ويو، جنھن تحت ۱۴ کان ۱۸ نومبر تائين مختلف پروگرامن ذريعي آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي موقعن توڙي فائدن بابت آگاھي  ڏني وئي. سرگرمين ۾ ماڻھن ورچوئل، ھائيبرڊ ۽ ذاتي طور شرڪت ڪئي. جڏھن ته شاگردن، والدين ۽ اسڪول ڪائونسلرز جي تياري سوڌو ٻين شاگردن جي تجربن مان سکيا، آمريڪا ۾ دستياب معياري پروگرامن ۽ موقعا سرگرمين جو مُکيه جُز ھئا.  عالمي تعليمي ھفتي جي سرگرمين ۾ اعليٰ تعليم ۽ تعليمي ڏي وٺ بابت معيارن جي نمايان پاسن کي چٽي نموني بيان ڪيو ويو، جِن جو آمريڪا ۽ پاڪستان طرفان گڏيل طور بُنياد رکيو ويو. اُن کانسواءِ انھن سرگرمين ۾ پھرئين درجي جي تعليم جي اثرن تي روشني وڌي وئي، جِن جي مدد سان فرد، معاشرو ۽ قومون ٺھنديون آھن. آمريڪي سرڪار طرفان ھر سال اٽڪل ۸۰۰ پاڪستانين کي آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاء مدد فراهم ڪئي ويندي آھي، جِن ۾ مکيه فل برائيٽ پروگرام ذريعي ماسٽر ڊگري جي 100 ۽ پي ايڇ ڊي جي 50 اُميدوارن يا شاگردن لاءِ مڪمل مالي مدد ذريعي فيلو شپس شامل آھن.  ھن سال عالمي تعليمي ھفتي جو اھم ۽ نمايان حصو آمريڪي قونصل جنرل جي ميزباني ۾ آجياڻو ھو، جنھن ۾ مادر علمين ۽ ھاءِ اسڪولن جي ڪائونسلرن کي تعليم جي شعبي ۾ بھترين خدمت توڙي ڪارڪردگي تي مڃتاءَ طور اعزازن سان نوازيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.