شھيد هميشه مظلومن جي حمايت ڪئي، ظالمن سان مهاڏو اٽڪايو: مقرر

سجاول (ڊ ر)سجاول ۾ شھيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي ٻي ورسي جي تقريب المدينا حال سجاول ۾ انتهائي جوش و خروش سان ملهائي وئي،  جنهن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي سجاول جي ڪارڪنن عهديدارن سميت شھرين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب ۾ شھيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي تصوير اڳيان گلن جي ورکا ڪري سندس لازوال قرباني تي کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي تقريب کي ضلعي صدر عبدالغني ملاح نائب صدر جمن سنڌي جنرل سيڪريٽري عبدالڪريم پليجو، جوائنٽ سيڪريٽري عبدالواحدخاصخيلي، پريس سيڪريٽري گل حسن رند، اعجاز اختر سومرو، ممتاز علي لغاري، ريحان بوبڪ، سھيل احمد ابڙو، شھري اتحاد اڳواڻ نثار ميمڻ، منير ميمڻ، نظير احمد هٿيار جي يو آءِ اڳواڻ مولوي اشرف ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شھيد الطاف جسڪاڻي هميشا مظلومن غريبن مسڪين طبقي جي ماڻهن جي حمايت ڪئي ۽ ظالمن جابرن سان مهاڏو اٽڪايو. اسان سندس لازوال قرباني کي خراج تحسين ڏيندي کيس سرخ سلام پيش ڪريون ٿا، شھيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي ورسي تقريب ۾ ايس ٽي پي تعلقي سجاول جي صدر فاروق احمد شيدي، فاروق سومرو، شيراز ملاح، فتح علي قمبراڻي، ابراھيم سرائي ايس ٽي پي ٻڍو جاتي چوڪ ديوان سٽي جي اڳواڻن اسماعيل جت رشيد سولنگي، حسين سنڌي، راجا نواز ملاح ، صديق رند، گلزار کٽي، ڪفايت جان هوڙائي، سيد غلام مصطفيٰ شاھه، نظير احمد نانگ، چاچا خميسو ميمڻ ۽ ايس ٽي پي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.