ڏهرڪي ايس ايڇ او ، 12 ڪيسن ۾ هاف فراءِ ڪيل ڏوهاري کي 7 لک وٺي ڇڏي ڏنو

ڏهرڪي ( رپورٽ: اسد لغاري ) اڳوڻي ايس ايڇ او عباس سندراڻي بعد ضلعي گهوٽڪي جي ٿاڻي ڏهرڪي ۾ مقرر ايس ايڇ او اطهر چنو  به ڏوهارين جو ساٿاري نڪري پيو، ان ڏس ۾ ايس ايڇ او اطهر چنو ڪجهه ڏينهن اڳ سانڪو روڊ تان 12 ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري محمد نواز ملڪ کي ساٿي سان گڏجي هڪ ڪلو چرس ۽ ڦر ٿيل موٽر سميت گرفتار ڪيو، ايس ايڇ او اطهر چنو پاڻ صحافين اڳيان بيان ڏنو ته محمد نواز ملڪ کي گرفتار ڪيو آهي جيڪو 10 کان 12 ڪيسن ۾ گهربل آهي، جڏهن ته پوليس مقابلي ۾ هاف فراءِ پڻ ٿيل آهي، جنهن کي ساٿي سميت گرفتار ڪيو، ايس ايڇ او جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدارن جي قبضي مان هڪ ڪلو چرس ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪل پڻ هٿ ڪئي آهي، ايس ايڇ او اطهر چنو طرفان گرفتار ڏوهارين کي ميڊيا سامهون پڻ پيش ڪيو، ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي اطهر چنو علائقي جي بااثر سياسي شخصيت معرف 7 لک روپين جي ڊيل بعد گرفتار ڏوهاري کي ساٿي سميت آزاد ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي طرف ايس پي گهوٽڪي طرفان معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، هوڏانهن ٻه مهينا اڳ اڳوڻي ايس ايڇ او رائونتي غلام عباس سندراڻي جا ڏوهارين جو ساٿاري هجڻ جي الزام ۾ آءِ جي سنڌ طرفان نوڪري مان پڻ برطرف ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.