لاڙڪاڻي ۾چانڊڪا اسپتال انتظاميا خلاف شهيد ڀٽو جو احتجاج

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال اندر حادثن واري شعبي ۽ ايم ايس آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه توڙي ڊاڪٽر مٿان تشدد واري ڪيس ۾ جيل ڀوڳيندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) جي مرڪزي اڳواڻ عنايت علي عمراڻيءَ جي آزاديءَ لاءِ پيپلز پارٽي (ش ڀ) فاطمه ڀٽو فالورس پاران اعلانيل احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، جتي هنن نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي اڳواڻن محمد علي عمراڻي، برڪت ميراڻي، انعام ناريجو، جاويد لاهوري، ولي محمد لاهوري، مسلم سهڙو، نظير ڪوري، شهباز ڀٽو، صدام جيسر، احسان مري ۽ ٻين چيو ته اڍائي مهينا اڳ ڊکڻ ڀرسان ڳوٺ مور عمراڻي ۾ پارٽي اڳواڻ عنايت علي عمراڻي جي 17 سالن جي ڀائيٽي پريسا عمراڻي کي نانگ ڪکي وڌو، جنهن کي فوري طور چانڊڪا اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن کيس ويڪسين نه ڏني ۽ جنهن ڪري ڊاڪٽرن جي لاپرواهيءَ سبب هوءَ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي. اهڙي واقعي بعد چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر گلزار تنيو، ڊاڪٽر جنيد سانڊاڻو ۽ سول لائين ٿاڻي جي پوليس طرفان عنايت علي عمراڻي سميت 100 کان وڌيڪ ماڻهن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ٽي ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا، انهن ڪوڙن ڪيسن ۾ آڙ ۾ پوليس گذريل 27 آڪٽوبر تي ضمانت رد ٿيڻ تي عنايت عمراڻي کي گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو، جتي ساڻس ملاقات بند ڪري ان سان غيرانساني سلوڪ ڪري وفاداريون تبديل ڪرڻ لاءِ مختلف طريقن سان ٽارچر ڪيو پيو وڃي. اسين اعليٰ اختيارين کان گهر ٿا ڪيون ته فوري طور اسان جي اڳواڻ عنايت عمراڻي مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.