ڪنب ۽ ڀرپاسي رولوڪتن جو آزار، 12 ڄڻا ڏاڙهجي زخمي

ڪنب (ن ع آ)  ڪنب ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، هڪ  ئي ڏينهن تي رولو ڪتن 6 ٻارن سميت  هڪ  پرڻيل ناري سميت 12 ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، اسڪول کان واپس گهر ڏانهن ويندڙ 6 سالا نينگر فيض، تمراڻي 7سالا روشني ڪماري،  6 سالا نرگس گوپانگ،  18 سالن جي بابرا مينگهواڙ،  6  ورهين جو صدام گوپانگ، نينگر  شاهد گوپانگ، 9 ورهين جو ڪاشف شنباڻي، 20 سالن جو نوجوان امان الله شنباڻي، راحب خاصخيلي، مجنو شرشامل آھن، جن کي  تعلقه  اسپتال ڪوٽڏيجي ۽ گمس اسپتال گمبٽ نيو ويو جتان کين ويڪسين ڪئي وئي، ڄڏهن ته ٻن ڄڻن کي گمس اسپتال گمبٽ م داخل ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.