ڪراچي ۾ سماجي اڳواڻ تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج، ريلي

گڏاپ / گلشن اقبال ( ن ع آ) نادرن باء پاس ويجهو قائم سيد ٽينٽ سٽيء  جي ٻوڏ متاثر مسڪين ماڻهن ۽ ڪيمپ جي صدر لياقت  بليدي۔  سيد اڪبر شاھ ڪاظمي۔  عتيق الرحمان سومرو۔  ذاڪر ڪانڌڙو۔  اياز علي جلباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ٽينٽ سٽيء ۾ رھندڙ ٻوڏ متاثر رھواسين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو۔ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي لياقت بليدي ۔  سيد اڪبر شاھ ڪاظمي۔  عتيق الرحمان سومرو ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت سميت لاڳاپيل اختيارين کي اھو ٻڌائڻ ٿا چاھيون ته  سيد احمد علي شاھ ڪاظمي مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪري رھيو آهي جنهن جي ڏوھ ۾ مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن جيڪو عمل انتھائي مذمت جوڳو عمل آهي ۔ سيد احمد علي شاھ ٻوڏ متاثر مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪري رھيو آهي ايم ڊي اي جو ارشاد بيگ لسانيت جي بنياد تي جعلي ۽ ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪئي آهي جنهن ۾ پي ٽي آء جي ايم پي اي حليم عادل شيخ جو نالو به داخل ڪيو ويو آهيسيد احمد علي شاھ ڪاظمي مٿان داخل سمورا ڪوڙا ڪيس ختم ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.