ٺيڙهي ۾ٺهيل جانورن جي اسپتال بي لاڀ، ڀاڳيا پريشان، احتجاج

خيرپور(س ر )خيرپور ڀرسان ٺيڙهي ۾ چوپائي مال لاءِ  قائم ٿيل  اسپتال علائقي جي ماڻهن لاءِ بي لاڀ بڻيل، سرڪاري دوائون پرائيويٽ اسٽورن تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون، متاثر ماڻهن جو  لائيو  چوپائي مال جي پالنا واري کاتي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو  هنيو ويو، ان سلسلي ۾احتجاج  جي اڳواڻي ڪندڙ شفيق احمد،رفيق احمد،فرمان الدين ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، جن صحافين کي ٻڌايو ته اينيمل هسبنڊي کاتي جي طرفان قائم ڪيل اسپتال علائقي جي ماڻهن لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي، اسپتال ۾ ڪوبه ڊاڪٽر موجود ناهي صرف چوڪيدار ۽ پٽيوالو ويٺل هوندا آهن، چوپائي مال لاءِ ڪابه دوا ناهي، جيڪا به دوا سرڪاري طرح ملندي آهي اها پرائيويٽ اسٽورن جي حوالي هوندي آهي، سرڪاري بجيٽ به آفيسر ڪڍرائي هڙپ ڪندا آهن اسان مالوند ماڻهون سخت پريشان آهيون، هنن صوبائي وزير باري پتافي، ڊي جي احتشام الحق ۽ ٻين وس وارن کان انصاف جي گھر ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.