پهرين بجلي پوءِ پاڻي ۽ هاڻي گئس جي بندش:لياري ۾ 15 ڏينهن کان فراهمي معطل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي اولڊ سٽي وارن علائقن ۾ گذريل 15 ڏينهن کان گئس جي فراهمي مڪمل معطل هئڻ ڪري گهرن ۾ رڌ پچاءُ سخت متاثر ٿي ويو، شهري هوٽلن تان کاڌو خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا. لياري جي نئون آباد، کڏو، موسيٰ لين  ۽ ٻين  وسندين ۾ سئي سدرن گئس ڪمپني طرفان گئس لوڊشيڊنگ جي اعلان  جي ابتڙ گذريل 15 ڏينهن کان گئس جي  فراهمي مڪمل معطل ڪئي وئي  آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نئون آباد جي  بلاڪ بي گهٽي نمبر 10 سميت ٻين علائقن  جي شهرين گئس سلينڊر  جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪجهه شهري هوٽلن تان کاڌي جو سامان خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. شهرين جو چوڻ آهي ته پهرين بجلي، پوءِ پاڻي ۽ هاڻي گئس جي بندش جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.هنن  جو چوڻ آهي ته خبر ناهي ته انتظاميا کين  ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏئي رهي آهي.هنن گهر ڪئي ته فوري طور  گئس جي فراهمي بحال ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ هو سنڌ اسيمبلي ۽ سئي سدرن گئس ڪمپني جي آفيس آڏو ڌرڻا هڻندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.