لعلورائنڪ اسڪول جي عمارت زبون، چاپڙ ڪرڻ معمول

لعلورائنڪ (رپورٽ: بدرالدين مغيري)لعلورائنڪ جو هائر سيڪنڊري اسڪول ڪافي مسئلن جو شڪار آهي اسڪول جي عمارت زبون ٿي وئي  آهي روزانو ڇت مان ڇاپڙ ڪرڻ  سبب استاد ۽ شاگرد خوف ۾ مبتلا رهن ٿا. استادن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪول  جي رپيئرنگ لاءِ 63 لک روپيا منظور ٿيا آهن جڏهن ته برسات کان اڳ اسڪول جي صرف ٻن ڪلاسن ۾ ٽائلز لڳائي ٺيڪيدار اسڪول جا پئسا کڻي غائب ٿي ويو آهي. اهڙي طرح اسڪول جي مرمت جو ڪم اڌ ۾ رڪجي ويو. هنن وڌيڪ چيو ته اسڪول ڪافي مسئلن جو شڪار پڻ آهي هڪ ته اسڪول جي عمارت ڊينجرس پوزيشن ۾ آهي ڪڏهن به جاني نقصان ٿي سگهي ٿو ڪافي عرصي کان وٺي اسڪول جي بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي ۽ فٽنگ به مڪمل ختم ٿي وئي آهي. اسان استادن پنهنجي مدد پاڻ تحت ۽ شهرين کان چندو گڏ ڪري اسڪول ۾ سولر سسٽم لڳرايو هيو اهو به برسات کان پوءِ ختم ٿي ويو آهي.هنن وزير اعليٰ سنڌ ۽ وزير تعليم کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي اسڪول کي جيڪي  مسئلا درپيش آهن اهي حل ڪيا وڃن. ته جيئن ٻارن کي سٺي تعليم ڏئي سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.