سيوهڻ واقعو اتفاقي نه پر سنڌين جي نسل ڪشي جي سازش آهي: لال جروار

حيدرآباد (رپورٽر) سيوھڻ ٽول پلازا سانحو انتھائي افسوسناڪ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ سانحو آھي. ھي سانحو ڪو اتفاقي نھ بلڪھ سنڌي عوام  جي نسل ڪشي جي سازش جو حصو آھي. سيوھڻ سانحي جي فوتين جي وارثن کي ھڪ ھڪ ڪروڙ روپيا معاوضو ڏنو وڃي. روڊن جي ڪٽن جي صحيح نموني مرمت نھ ڪندڙ سنڌ حڪومت جي لاڳاپيل ڪامورن، نام نھاد چونڊيل نمائندن ۽ ٺيڪيدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ھن سانحي جي ذميوارن خلاف ڪروڙين ماڻھو مارڻ جي سازش جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. جيڪڏھن نوري آباد سانحي جي ذميوارن کي سزا ملي ھا تھ اڄ ھي سانحو نھ ٿئي ھا. نوري آباد ۾ 19 ٻوڏ متاثرن کي زندھ ساڙيندڙ ملڪ جا حڪمران قانون جي پڪڙ کان آجا رھيا جنھن ڪري ھن قسم جا واقعا روز جو معمول بڻيل آھن. اھڙن خيالن جو اظھار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ عمراھ سمون ۽ سرواڻ جتوئي پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آھي. اڳواڻن چيو آھي تھ ھڪ سازش تحت سنڌي ماڻھن جي نسل ڪشي ڪرائي سنڌ ۾ ڪٽڪن جا ڪٽڪ پرڏيھين جا گھرائي سنڌ ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. ھنن چيو تھ وفاقي حڪومت طرفان جاري ڪيل ڊيموگرافڪ سروي رپورٽ بدديانتي تي ٻڌل آھي. ھن رپورٽ ذريعي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آھي، ڊيموگرافڪ سروي رپورٽ 2020ع سنڌ ۽ ملڪ دشمن رپورٽ آھي. ھي رپورٽ سنڌين کي پنھنجي تاريخي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي. جيستائين سنڌ ۾ رھندڙ لکين افغانين، بھارين، برمين ۽ ٻين ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏئي کين واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن نٿو موڪليو وڃي اوستائين سنڌ جو عوام ڪنھن بھ سروي رپورٽ يا آدمشماري کي قبول نھ ڪندو. اڳواڻن وڌيڪ چيو آھي تھ سامراجي قوتن جيئن فلسطين فلسطينين کان ڦري اسرائيلي حملا آور جي حوالي ڪئي آھي، تيئن سنڌ بھ سنڌين کان ڦري پرڏيھي دھشتگردن جي حوالي ڪئي پئي وڃي تنھن ڪري سنڌ حڪومت سنڌين کان علاوھ باقي جڳ جھان جي سمورن ماڻھن کي سرڪاري زمينون الاٽ ڪري رھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.