لاڙڪاڻو: فوڊ سپروائيز جاويد مگسي جي ضمانت رد، جيل حوالي

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ اينٽي ڪرپشن ڪورٽ خوراڪ کاتي جي سرڪاري گودام مان ڪڻڪ جي ٻورين ۾ خردبرد واري ڪيس ۾ قمبر جي فوڊ سپروائيز جي ضمانت رد ڪري کيس هٿڪڙيون هڻائي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ قمبر خوراڪ کاتي جي فوڊ سپروائيزر جاويد علي مگسي طرفان پنهنجي پڪي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن درخواست جي ٻڌڻي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي جج خليل انور حسين جعفري جي عدالت ۾ ٿي جتي عدالت ضمانت رد ڪري ڇڏي، جنهن کان پوءِ اينٽي ڪرپشن پوليس کيس هٿڪڙيون هڻي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي. واضع رهي ته ٻه مهينا اڳ اينٽي ڪرپشن سرڪل قمبر طرفان قمبر خوراڪ کاتي جي فوڊ سپروائيزر جاويد علي مگسي کي گرفتار ڪري سندس مٿان خوراڪ کاتي جي گودام مان ڪڻڪ جي ٻورين ۾ خردبرد ڪرڻ جو ڪيس گناهه نمبر 2022/03 تحت داخل ڪيو هو جنهن ڪيس ۾ فوڊ سپروائيزر ڪچي ضمانت تي هو، ڪالهه پڪي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي تي عدالت سندس جي ضمانت رد ڪري کيس هٿڪڙيون هڻائي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.