سنڌڙي ۽ ميرپورخاص ۾ شهيد الطاف جسڪاڻي جي تقريب، ڀيٽا پيش

ميرپورخاص/سنڌڙي (نمائندا) ايس ٽي پي ميرپورخاص ضلعي پاران شھيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي ٻئي ورسي جي تقريب ميرپورخاص ۾ منعقد ڪئي وئي، جڏهن ته سنڌڙي ۾ به اڪبر شر هائوس تي ورسي تقريب منعقد ڪري شهيد الطاف جسڪاڻي ئي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ورسي تقريبن کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي اڳواڻن اعجاز شر، عبدالڪريم ڪيريو، غلام حسين پهوڙ، گلزار مگسي، سومار شر، اڪبر شر، نظير ڪيريو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شھيد الطاف جسڪاڻي پارٽي سميت سنڌ جو وڏو سرمايو ھو سندس اوچتو وڇوڙو پارٽي ۾ وڏو خال آهي جيڪو ڪڏهن ڀرجي نه سگهندو شھيد الطاف جسڪاڻي جنھن ايس ٽي پي جي پليٽ فارم تان سنڌ ڌرتي ۽ ان جي رھواسين جي ھميشه مالڪي ڪئي اھو ئي سبب سنڌ دشمن ڌرين پاران کيس شھيد ڪيو ويو شھيد جي ڏ نل قرباني تي اسان سڀني کي فخر آهي ۽ اھو وچن ٿا ورجايون شھيد الطاف جسڪاڻي جيان ايس ٽي پي جو ھر ڪارڪن سنڌ ۽ سنڌ واسين جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجھد جاري رکندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.