دکدائڪ حادثو، ڇا حڪومت سبب ڳولي اھي ختم ڪندي ؟

سيوھڻ لڳ ھڪ دکدائڪ حادثي ۾ ھڪ ئي خاندان جا 20 ماڻھون اجل جو شڪار ٿي ويا آھن،جن ۾ ٻارڙا ۽ عورتون پڻ شامل آھي،اھا بدقسمت وين  خيرپور کان  قلندر جي درگاھھ تي وڃي رھي ھئي جو اھو واقعو پيش آيو.ابتدائي طور صورتحال مان لڳي ٿو تھ ڊرائيور کي روڊ جي حالت جو اندازو نھ ھو ۽ گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ بعد انڊس ھاءِ وي تي برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڏنل ڪٽ واري کامي ۾ ڪري پوڻ ڪري مسافر حياتي کان محروم ٿي ويا.ان جو ھنڌڀان سيدآباد انڊس هاءِ وي تي واقع لڳ سيوهڻ ٽول پلازا ڀرسان ڄاڻايو پيو وڃي.وڌيڪ تيرنھن ڄڻا زخمي آھن جن مان پنج جي حالت نازڪ  آھي.فوتين ۽ زخمين کي سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز آندو ويو.اھي بدقسمت ماڻھون ڦلپوٽا برادري سان تعلق رکن ٿا جيڪي ھڪ ئي ڳوٺ جا آھن، پاڻ ۾ ويجھا مائٽ آھن،اھڙي دل ڏاريندڙ واقعي بعد ڳوٺ ۽ سموري سنڌ ۾ ڏک جي لھر ڇانيل آھي.

حادثو رات جي اونداهي ۾ پيش آيو آھي.واضح رھي تھ انڊس هاءِ وي روڊ تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي انتظاميا ڪٽ ھڻي منڇر ڍنڍ  جي پاڻي کي نيڪال ڪيو ھو،پر پاڻي نيڪال ٿي وڃڻ بعد بھ اھا کاھي بند نھ ڪئي آھي، جتي ھن کان اڳ پڻ حادثا ٿيا آھن. 15 ڏينهن اڳ ضلعي انتظاميا ڄامشورو پاران ڪٽ واري هنڌ هڪ ٽريڪ کي بند ڪري ٽرئفڪ لاءِ روڊ کوليو ويو هو پر روڊ جي هڪ پاسي کي ڪليئر نه ڪيو ويو جتي ڪٽ لڳل آهي، ڪٽ واري کاھي جي گهرائي 25 کان 30 فوٽ آهي جنھن جي اندر 15 فوٽ پاڻي پڻ بيٺل آهي.کان اڳ 11 آڪٽوبر تي انڊس هاءِ وي تي ڪراچي ويندڙ ڪوچ ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 عورتن ۽ ٻن ٻارن سميت 11 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

ڄامشورو جي سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس موجب اھا ڪوچ بهاولپور کان اچي رهي هئي ته مانجهند واري علائقي ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ سامهون ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي.

هلندڙ سال مئي مهيني ۾ ڄامشورو ضلعي ۾ انڊس هاءِ وي تي وين ۽ ٽرڪ وچ جي ٽڪر  ۾ 15 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.ڊي سي فريد الدين مصطفيٰ جو چوڻ هو ته حادثو انڊس هاءِ وي (ڄامشورو-مانجهند) ويجهو انڊس هاءِ وي تي پيش آيو، جتي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پاران هلندڙ ترقياتي ڪم ۾ دير ٿي رهي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه نوٽيس ورتو آهي. وڏي وزير جي ترجمان موجب سيد مراد علي شاهه ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.جنھن ۾ غفلت ڪندڙن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

ھي يقينن ھڪ   گھڻو تڪليف ڏيندڙ حادثو آھي،جنھن ۾ ھڪ ئي وقت 20 ماڻھون پنھنجي حياتيءَ کان محروم ٿي ويا، پر ٻئي پاسي اھا بھ حقيقت آھي تھ ھي نھ تھ ڪو پھريون حادثو آھي ۽ نھ ئي ور ي ڪو آخري آھي.اھڙا واقعا ۽ حادثا ھن ڏکائتي واديءَ ۾ ٿيندا ئي رھن ٿا،جنھن جا ھڪ کان وڌيڪ سبب آھن،سڀني کان

اول ھي تھ اسان وٽ ڊرائيورن جي ڪا خاص تربيت نٿي ڪئي وڃي.ڇاڪاڻ جو معاشري ۾ اھڙو ڪو رواج نھ آھي،ٻيو اھو تھ روڊن جي حالت گھڻي خراب آھي،جنھن کي درست ڪرڻ ۾ گھڻو وقت لڳي ٿو وڃي، ان جي لاءِ ھر ڪنھن جون پنھنجون جدا جدا اوليتون ھونديون آھن،سمورن وڏن روڊن رستن تي پوليس پڻ ھوندي آھي،پر  ان جو سواءِ ڪاغذ پٽ چيڪ ڪرڻ ۽ پنھنجو کيسو گرم ڪرڻ جي ٻيو ڪو ڪارج ناھي، ساڳئي وقت ھر ڊرائيور کي خبر ناھي ڇو تڪڙ ھوندي آھي،جنھنڪري ئي گھڻا حادثا ٿين ٿا.پر ان طرف ڪڏھن بھ ڪنھن ڌيان نھ ڏنو آھي،ان جو ڪو بھ حل نٿو نڪري.

ملڪ ۾ رائج قانون تي عمل نھ ٿيڻ جو ھڪ وڏو سبب قانون جو احترام نھ ھئڻ آھي، ڇاڪاڻ جو جيڪو بھ قانون جوڙيو وڃي ٿو ان جي لاءِ عوام کي ان ۾ شامل نھ ڪيو ويندو آھي.ھاڻي ٿي سگھي ٿو تھ ھن حادثي بابت ھڪ رپورٽ وڏي وزير کي تيار ڪري ڏني وڃي،پر پراڻو رڪارڊ ٻڌائي ٿو تھ اھڙن حادثن کي ڪو مثال بڻائي ان مان ڪڏھن بھ فائدي حاصل ڪرڻ جي ڪا ڪوشش نھ ٿي آھي،جنھن کي عرف عام ۾ چئبو آھي تھ اسان تاريخ مان بس اھو ئي سکيا آھيون تھ اسان تاريخ مان ڪجھھ بھ سکڻ جي لاءِ تيار نھ آھيون.سکڻ جي معنيٰ ھڪڙي اھا بھ ھوندي آھي تھ ساڳي غلطي کي نھ ورجائبو آھي،خبر ناھي تھ ايتري ڳالھھ ھن معاشري جي ماڻھن کي سکڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو پر ھن وقت تائين تھ نھ سکيا آھيون.

اسان وٽ ھڪ مسئلو ھي بھ آھي تھ ھر ايمرجنسي ۾تڙ تڪڙو جيڪو ڪجھھ ڪريون ٿا ان تي پوءِ سوچڻ جي زحمت گوارا ناھيون ڪندا،جيڪڏھن ڪنھن بھ ايمرجنسي ۾ ان روڊ ڀرسان ڪٽ ڏيڻو پيو ھو تھ ان کي بند ڪرڻ بھ ان ئي کاتي جو ڪم ھو،ھاڻي جڏھن ھي حادثو ٿي ويو آھي،جنھن ۾ 20  جيئرن جاڳندن ماڻھن کي پنھنجي حياتي ڏيڻي پئي آھي،تڏھن ان بابت مس وڃي سوچڻ تي آماده ٿينداسين.

جيڪڏھن ڪنھن پاسي کان اھا ڳالھھ سامھون ايندي تھ ان حادثي جو  اصل سبب روڊ جي پاسي ۾ ڏنل ڪٽ ئي آھي،يا ان کي بند نھ ڪندڙ ادارو ئي جوابدار آھي،تھ اھو ڪو بھ مڃڻ جي لاءِ تيار نھ ٿيندو.جڏھن تھ سمورا تفصيل اھو ئي ٻڌائين ٿا تھ جيڪڏھن ڏنل ڪٽ واري کاھي نھ ھجي ھا تھ اھو حادثو شايد پيش نھ اچي ھا.ٻيو ڊرائيور جي غفلت آھي،جنھن تڙ تڪڙ کان ڪم ورتو، ٿي سگھي ٿو تھ  ڊرائيور ان روڊ کان ئي واقف نھ ھجي.

بھرحال ھاڻي تھ جيڪو ڪجھھ ٿيڻو ھو اھو ٿي ويو، اسان وٽ اھڙن موقعن تي اڪثر چئبو آھي تھ انھن بدقسمت ماڻھن جي نصيب ۾ لکيل ئي ايئن ھو.پر اسريل معاشرا انھن جي اصل سببن کي ڳوليندا آهن ۽ انھن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن تڏھن ئي اھي سماج اڳتي وڌندا آھن.اميد ڪجي ٿي تھ حڪومت ھن حادثي مان سبق حاصل ڪندي ان جي سببن کي ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻندي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.