ڪوئلي جي رائلٽي ٿر تي ڪڏهن خرچ ٿيندي ؟

تحرير: عطا محمد رند

جڏهن ته هن وقت ٿر ڪوئلي جي ٻن بلاڪن تي ڪم هلندڙ آھي . ٻئي بلاڪ پيداوار ڏيڻ جي مرحلي ۾ هلي رهيا آھن . معاهدي مطابق 2023ع ۾ ٻنهي بلاڪن مان 2640 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي .330 ميگاواٽ جي بجلي گهر هلائڻ لاءِ  هڪ ڪلاڪ ۾ 280 ٽن ڪوئلي جي ضرورت  پوندي آھي. يعني 330 ميگاواٽ جي بجلي گهر کي روزانو جي بنياد تي 6720 ٽن ڪوئلو کپندو . هر هڪ بلاڪ کي 1320 ميگاواٽ لاءِ  روزانو 26880 ٽن ڪوئلي جي ضرورت پوندي . ٻنهي بلاڪن کي 2640 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ  53760 ٽن ڪوئلو روزانو جي بنياد تي کپندو.  مطلب ته  ڪوئلي ۽ ان مان ٺھندڙ بجلي مان اڳئين سال  کان هر سال 24 ملين ڊالر رائلٽي ٿيندي . جيڪڏهن صرف ڪوئلي جي رائلٽي کي ئي ٿر تي صحيح استعمال ڪيو وڃي ته ٿر به دبئي ٿي سگهي ٿو .

پر هاڻي ڏسجي ته اها رائلٽي ڪٿي ،ڪئين ۽ ڪڏهن خرچ ٿيندي . ان لاءِ  ڪجهه به چئي نٿو سگهجي .مائيننگ جي قانون مطابق پيداوار اچڻ جي ٽي سال کانپوءِ رائلٽي انهي علائقي تي خرچ ڪرڻي آھي پر هاڻي ٿر جي ڪوئلي جي صورت حال ڏسون ته بلاڪ ٻه 2019ع کان پيداوار ڏئي رهيو آھي پر اڃا تائين رائلٽي مان هڪ رپيو به خرچ نه ڪيو ويو آھي . قانون مطابق ڪوئلي مان ملندڙ رائلٽي ڊي سي کي خرچ ڪرڻي آھي . ڊي سي هڪ ڪاميٽي تشڪيل ڏيندو آھي . جنهن ۾ علائقي جا نمائندا به شامل هوندا آھن . اهي ضلعي ۾ جتي بنيادي سهولتن جي ضرورت  آھي، ان جي نشاندهي ڪرڻ کان پوء گڏيل فيصلي تحت اها بجيٽ استعمال ڪندا آھن . جنهن جو سپريم ڪورٽ به فيصلو ڏئي چڪي آھي .  سنڌ گورنمينٽ رائلٽي جو پئسو ٿر فائونڊيشن تحت استعمال ڪرڻ چاهي ٿي پر قانون مطابق رائلٽي استعمال ڪرڻ ضلعي انتظاميه جي زميواري آھي .

ٿر فائونڊيشن هن وقت صرف  بلاڪ ٻه لاءِ  ڪم ڪري رهي آھي ۽ مئنيجمينٽ به اينگرو ڪمپني جي آهي . بلاڪ هڪ وارن جو ڪو به ماڻھو فائونڊيشن جو حصو نه آھي . پر اعلي قيادت انهي تي بضد آھي ته بلاڪ هڪ جي رائلٽي به هن فائونڊيشن جي تحت استعمال ٿئي . بلاڪ هڪ جي انتظاميه مطمئن نه آھي ته رائلٽي جو پئسو ٿر فائونڊيشن جي تحت استعمال ٿئي . پر فائونڊيشن جي تحت انهي پئسي کي استعمال ڪرڻ لاءِ  قانون سازي ڪرڻي پوندي .آخرڪار بلاڪ هڪ وارا اهو پئسو ڪئين خرچ ڪندا جنهن جو اڃا تائين حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو آھي.

سنڌ گورنمينٽ کي گهرجي ته رائلٽي جي پئسي جي چيڪ ۽ بيلنس لاءِ  ڪول مائنس ڊپارٽمينٽ کي پابند ڪري ۽ ان جا هر سال انگ اکر ظاهر ڪري ۽ ٻنهي بلاڪن جي ڪمپنين کي پابند ڪيو وڃي ته رائلٽي ضلعي انتظاميه جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائين ۽ پوءِ ڊي سي جي ماتحت ٺھيل ڪاميٽي ان رائلٽي کي خرچ ڪري ته جئين پوري ٿر کي ان مان فائدو ٿي سگهي .

سڀ کان بهتر آھي ته رائلٽي جي پئسي مان ٿر لاءِ  ماسٽر پلان جوڙي پلاننگ تحت جتي ضرورت آھي اتي ترقياتي ڪم ڪيا وڃن ، ٿر کي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن، ٿر مان ملندڙ پيداوار مثال طور ٿر جي جنس گوار جنهن مان گوار گم ٺھندو آھي ، جيڪو آئل ۽ گئس لاءِ  ٿيندڙ بورن ۾ پاڻياٺ طور استعمال ٿيندو آھي ۽ ان جي ڇلڪي مان ڪلر ، بارود ۽ ڪاسميٽڪ جون شيون ٺھن ٿيون ۽ ٻاهر واري ڇلڪي مان چوپائي مال جي کائڻ لاءِ  ڏارو ٺھندو آھي . ان جا ڪارخانا هتي ٺھڻ کپن ۽ ٿر جي ٻي جنس جي عالمي مارڪيٽ تائين رسائي کي يقيني بنائڻ سان گڏ هٿ جي هنرن مان ٺھندڙ شيون، چوپائي مال جي کلن مان ٺھندڙ چمڙي جون شيون ۽ ٻڪرين جي ڏاس ۽ رڍن جي ان مان ٺھندڙ شين جون ننڍيون ننڍيون صنعتون آسان قسطن ۾ هتي جي مقامي ماڻھن کي لڳائي ڏنيون وڃن ته جئين هتي جو مڊل ڪلاس ماڻھو خوشحال ٿي سگهي ۽ عام ٿر جا غريب ماڻھو وڌ ۾ وڌ روزگار سان لڳي سگهن .

ننڍن ننڍن ڪاروبارن لاءِ   ٿر جي ماڻھن کي آسان قسطن تي قرض ڏئي خود ڪفيل ڪيو وڃي ۽ ٿر کي آباد ڪرڻ لاءِ  هارين کي پاڻي جا ٽيوب ويل لڳائي ڏنا وڃن ته جئين اهي آبادي ڪري پنهنجي پيٽ جي بک ختم ڪري سگهن . انهن کي امداد ڏيڻ جي بدران روزگار ڏنو وڃي . جيڪڏهن منصوبي تحت پئسو استعمال ٿئي ته هتي جو ماڻھو يقينن خوشحال ٿي پوي ۽ ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگڻ جي ضرورت ئي نه پوي. پر جيڪڏهن هن وقت به ٿر جي خوشحالي جو نه سوچيو ويو ته اڳتي هلي ٿر جو ماحول ۽ روزگار جا وسيلا نه هئڻ ڪري زندگي گذارڻ ڏکي ٿي پوندي ۽ ٿر جو ڪوئلو بنا ڪنهن فائدي جي ايئن ئي سرمائيدارن جي جيب جو سينگار ٿيندو .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.