ريپبلڪنز جي فتح کانپوءِ پيلوسي طرفان اسپيڪر جو عهدي ڇڏڻ جو اعلان

ڊيموڪريٽڪ نينسي پيلوسي، پهرين عورت آهي جيڪا آمريڪي هائوس آف ريپريزنٽيٽوز جي اسپيڪر جي حيثيت سان ڪم ڪندي ھئي،ھوءَ جنوري ۾ريپبلڪن پاران ايوان جي ڪنٽرول سنڀالڻ بعد مستعفي ٿي ويندي.

اي ايف پي موجب نينسي پيلوسي ايوان ۾ جذباتي تقرير ڪندي چيو ته هوءَ ايندڙ ڪانگريس جي چونڊن  ۾ ڊيموڪريٽس پاران حصو نه وٺندي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته نئين نسل کي اڳواڻي ڏني وڃي.تازي وچ مدي واري چونڊ ۾ ريپبلڪن جا نمائندا ايوان ۾ ڊيموڪريٽس کان وڌيڪ ٿي ويا آھن،ڊيموڪريٽڪ صدر جو بائيڊن پيلوسي جي ڪردار کي جمهوريت جي مضبوط محافظ ۽ آمريڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ لاڀائتي اسپيڪر قرار ڏنو ۽ ھن جي واکاڻ ڪئي.اڳوڻي صدر بارڪ اوباما به ٽوئيٽ ذريعي نينسي پيلوسي جي واکاڻ ڪندي کيس آمريڪي تاريخ جي ڪامياب ترين قانون ساز قرار ڏنو.

1987 ۾ ڪانگريس لاءِ چونڊجندڙ  نينسي پيلوسي 2007 ۾ اسپيڪر بڻي ھئي ۽ اها پهرين ۽ واحد عورت آهي جنهن هن طاقتور پوزيشن تي ڪم ڪيو..هوءَ پارٽي تي مضبوط گرفت برقرار رکڻ جي بھ شهرت رکي ٿي ۽ هن جي ٻئي دور ۾ ٽرمپ جي ٻنهي مواخذن جي صدارت ڪئي.

نينسي پيلوسي ڊيموڪريٽس کي مڊٽرم چونڊن ۾ توقع کان وڌيڪ بهتر ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته گذريل هفتي آمريڪي عوام پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندي آزادي، قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت جي تحفظ لاءِ آواز بلند ڪيو.

تازو نينسي پيلوسي ئي تائيوان جو تڪراري دور ڪيو ھو جنھن سان ھڪ ڀيرو ٻيھر آمريڪا ۽ چين ۾ تڪرار وڌي ويا آھن.نينسي جي ان دوري کي عالمي سطح تي وڏي اھميت ڏني وئي ھئي. ھن جي عمر ھن وقت 82 سال آھي،جيڪا ڊيموڪريٽڪس کي ليڊ بھ ڪري رھي ھئي،کيس پارٽي جي بااثر اڳواڻ طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو.ڪجھھ وقت اڳ سندس مڙس پڻ ھڪ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.