سنڌ ۾ پرديسي پکين جي شڪار تي پابندي ھجڻ گھرجي

تحرير: گل بيگ چانگ

سنڌ جي ريگستاني پٽي ۾ مختلف نسلن جي مسافر پکين جي شڪار تي بندش ڇو نٿي وڌي وڃي بندوق جي نوڪ سان ڪيترن پکين جو شڪارڪو اڄ ڪلهھ کان تھ نٿو ڪيو پيو وڃي انھيءَ تاريخ ۾ وڃبو تھ قصو گھڻو ٿي ويندو پرھاڻي تازو ئي عرب شھزادن کي جيڪا شڪار ڪرڻ جي اجازت يعني پرمينٽون ڏنيون ويون آھن يا وري مقامي وڏيرا ۽ ڀوتار سنڌ جي ڪچي وارين زمينن جي جھنگلن ۾ شڪارڪري پکين کي ماري پاڻ سرخرو ٿي شوشل ميڊيا تي تصويرون وائرل ڪرڻ تي فخر محسوس ڪندي ڏٺا ويندا آھن اھي ايڏا طاقتورآھن يا وري قانون انھن تائين نٿو پھچي انھي جا ٻيا ڪھڙا سبب ٿي سگھن ٿا ڇوتھ سنڌ جو ٻيلو کاتو يعني جنھگلي جيوت کاتو انھن اڳيان بيوس بڻيل آھي جيڪي جھنگلن ۾ جانورن توڙي پکين جو شڪار ڪندڙ ماڻھون شڪارکي تماشو بڻائي رکيو آھي، اھي ھميشھ وانگر شڪاري بڻجي شڪارجوبھانو ڪري مسافر پکين جو شڪارڪندا آھن.

ڇاڪاڻ تھ سنڌ جي جھنگلن ۾ پکين ۾ آڙي.ڪونج . تلور۽ تترن جو شڪار ڳولي ڪيو ويندو آھي جيڪي ھن وقت ناياب بڻجي ويا آھن جئين جانورن ۾ ھرڻ  ڦا ڙھي جي شڪار ڪرڻ سان عرب يا وري انھن جي اڳ پٺ ڪندڙ وڏيرن ۽ ڀوتارن جا واٺا پھرين تا ڙڪري پکي ۽ ھلال جانور ويھاري رک ڪري اچي انھن کي اطلاع ڏيندا آھن ۽ پوءِ جن سان علائقي جا ماڻھو ھوندا آھن جيڪي شڪار ڪرائڻ جو معاوضو اڳ ۾ طئي ڪري پوءِ شڪارطرف وٺي وڃڻ انھن جي ڪاروبار ۾ شامل آھي پر انھن سڀني ڳالھين جي ٻيلي کاتي جي آفيسرن ۽ ملازمن کي اڳواٽ ڄاڻ ڏني ويندي آھي.

اسان جي خيرپور ضلعي جي ناري تعلقي ۾ ڪچي جي تڙن تي تترن جو ھن مھل شڪار تيزيءَ سان جاري آھي جيڪو پکين جو ناياب نسل ختم ٿي رھيو آھي انھي جو ڪير ذميوار ٿي سگھي ٿو؟ اڪثر پوليس جا آفيسر شڪارڪرائڻ ۾ ڀوتارن جا ساٿاري بڻيل رھندا آھن جن کي وڏيون دعوتون کائيندا رھن ٿا، ڪيترائي شڪارڪندڙ ڪامورا پنھنجي ھٿ سان پکين جو شڪار ڪري انھن جي گوشت کي وڌيڪ مزي وارو کاڌو سمجھي کائيندا آھن انھن سڀني ڀوتارن توڙي پوليس آفيسرن لاءِ قانون ننڊ ۾ ستل رھي ٿو ڇو تھ ھڪڙا پکي انڍيا کان سفر ڪري سنڌ جي جنھگلن ۾ اچي رھائش پزيرٿي وڃن ٿا جن جي مالڪي نھ ٿيڻ ڪري انھن جانورن توڙي پکين جو قيمتي نسل آھستي آھستي نالو نشان مٽائيندو رھي ٿو.

جڏھن تھ اھڙن شڪاري واڳن بازجيان پکين کي پنھنجي چنبي ۾ بيدردي سان کڻي يعني وڏين گاڏين ۾ گھليندا پنھنجن بنگلن ۾ کڻي شراب نوشي سان عياشين واري عادت پوري ڪرڻ ۾ ڪابھ ڪسر نٿا ڇڏين انھن سان ڪھڙو ورتاءُ ڪرڻ گھرجي؟ پر اسان پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙو ھڻڻ واري روايت رکڻ اڃان تائين وساري نھ آھي سنڌ توڙي جو قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي ھتي ڪنھن شيءِ جي ڪابھ تڪليف نھ ھجڻ باوجود اسين ٻاھرين ۽ ڌارين ماڻھن کي وڌيڪ عزت ڏيڻ ۽ ھٿ سان سنڌ اندر پيدا ٿيندڙ ناياب پکين ۽ جانورن کي دشمنن جي ھٿان مارائڻ کي ڇو پسند ڪندا آھيون.

سنڌ جا ريگستاني علائقا جن جون حدون تمام پري پري يعني انڊيا جي سرحدن  سان ملن ٿيون جيئن تھ  خيرپور رياست ميرن جي ضلعي سان مشھور آھي سندس ريگستاني پٽي سانگھڙ ۽ ٺٽي توڙي عمر ڪوٽ ۽ مٺي تائين گڏجي وڃڻ ڪري ڪيترائي جانور پنھنجون حدون مٽائيندا ۽ گھمڻ ڦرڻ کي سڪون سمجھي اچي سنڌ جي ساحلي پٽي جنھگلن ۾ رهندا آهن يا وري پکي پاڻي ۽ ٻين سھولتن لاءِ اڏام ڪري اڇي ريگستاني جهنگن ۾  ڊيرا ڄمائي رھائش ڪن ٿا انھن مسافرپکين توڙي جانورن جي حفاطت ڪرڻ ٻيلي کاتي جو ڪم آھي ليڪن اھي ھٿ سان رشوت وٺي غيرقانوني شڪار ڪرائڻ جي اجازت يعني پرمنٽون جاري ڪري پکين جي ناياب نسلن جو خاتمو ڪرائين ٿا انھيءَ کاتي جي آفيسرن کي جڏھن لکن جي تعداد ۾ پگھارون ملن ٿيون تھ اھي جانورن ۽ پکين جي شڪارين کي ڇو نٿا روڪي سگھن، اسين ٻيلي کاتي جي انھن آفيسرن ۽ ٻين ملازمن کي اکيون بند ڪرڻ بجاءِ اکيون کولڻ جي اپيل ڪرڻ چاھيون ٿا تھ خدا جي واسطي ھنن بي زبانن جي رکوالي ڪرڻ اوھان جو فرض آھي جيڪو پورو ڪري پکين توڙي حلال جانورن جي شڪار تي مڪمل پابندي ھڻي انھن جو تحفظ ڪيو تھ جيئن شڪاري انھن مٿان بندوق جو وار نھ ڪري سگھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.