بني گالا جو جن ۽ سرڪار جي بوتل

تحرير: رفيق پٽيل

8 مارچ 2022 کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اسلام آباد جي وزيراعظم ھائوس ۽ بني گالا  ۾ جنھن حد۽ قيد،سرڪاري فرضن ، قائدن ۽ ضابطن سان فائلن جي بار هيٺ وقت گذاري رھيو ھو  ان وقت ھو سياسي سطح تي اڄ جي مقابلي ۾ ڪمزور ھو، ھن جي ڪيفيت ھڪ اھڙي جن جيان ھئي جو ھڪ پرڪشش بوتل ۾ بند ھو ۽ ڪمزور ھو ۽ ڪمزور ٿي رھيو ھو، اھا پرڪشش بوتل وزارت اعظميٰ ھئي،جنھن کي سندس مخالفن حاصل ڪرڻ چاھيو پئي ۽ جن کي اپوزيشن ليڊر  جي نئين بوتل ۾ بند ڪري قومي اسيمبلي جي ڄار ۾ منجھائي ڪري پنھنجي قابو ۾ رکڻ چاھيو پئي. پر بي اعتمادي واري رٿ اچڻ بعد بني گالا  جو جن قابو مان نڪري ويو ۽ مخالف کي عوامي سطح تي لڳاتار ڪمزور ڪندو رھيو ۽ ان اھڙي طاقت حاصل ڪري ورتي جو مخالفن بي وس نظر اچڻ لڳا،آخرڪار ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ٿي پر اھو بچي نڪري ويو ۽ زخمي ٿي ڪري وڌيڪ طاقتور ٿي ويو،دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ھن جو آواز گونجڻ لڳو،جن وٽ سڀني کان وڏ صلاحيت اھا ھئي تھ اھو پنھنجي مخالفت ۽ الزامن کي ئي پنھنجي طاقت بڻائيندو رھيو ۽ مخالفن کي مسلسل ڪمزور ڪندو رھيو.

بوتل مان ٻاھر رھي ھر لمحي ھن جي عوامي حمايت وڌندي رھي آھي،مھانگائي ھن کي وڌيڪ طاقت فراھم ڪري رھي آھي،بني گالا  جي جن عمران خان جي خلاف بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪرڻ واري ڏينھن کان  وٺي ھن وقت تائين پي ڊي ايم کي، حڪومت حاصل ڪرڻ کانسواءِ ڪا عوامي يا بين الاقوامي پذيرائي ناھي ملي،جنھن جو بنيادي سبب ان جون پنھنجون پاليسيون آھن،جنھن ۾ سڀني کان اڳ آءِ ايم ايف سان معاھدي ۾ پاڪستان کي مھنگائي ۾ مبتلا ڪرڻ ھو،حالانڪھ جيڪڏھن معاھدي ۾ ڪمزوري نھ ڏيکاري وڃي ھا تھ ڪجھھ اھڙا قدم ٿي پئي سگھيا جنھن سان مھنگائي کي مناسب سطح تي آڻڻ ممڪن ھو،اھڙي طرح صنعت،زراعت ۽ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول تي ترجيحي بنيادي ڪم بھ نھ ڪرڻ پنھنجي پيرن تي ڪھاڙي ھڻڻ ھو.عمران خان جي خلاف عجيب و غريب ۽ غيرسنجيده بيانن پڻ عمران خان کي وڌيڪ سگھارو ڪيو ،جيئن عمراخ خان کي گولي ناھي لڳي، ان پاڻ حملو ڪرايو آھي،ان کي اسلام مخالف ثابت ڪرڻ وغيرھ شامل آھن.

ھاڻي ھو ميڊيا ۾ خبرون ڇپرائي آمريڪا کي پيغام ڏئي رھيو آھي تھ عمران خان آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ جي لاءِ تيار آھي،اھو ڪم جيڪو ڪنھن لابنگ فرم کي عمران جي لاءِ ڪرڻو ھو اھو پي ڊي ايم جون جماعتون ۽ پاڪستاني ميڊيا ڪري رھيو آھي،اھڙي طرح سائفر معاملو آھي، ان مسئلي کي ڪنھن بھ انداز ۾ مٿي تي کنيو ويندو تھ ان جو عالمي سطح تي منفي اثر پوندو ڇاڪاڻ جو عالمي فورم تي ان جي ذڪر کي ڪجھھ وڏيون طاقتون پسندگي سان نٿيون ڏسن.

عمران خان جو موجوده نعرو حقيقي آزادي،غريبن جي لاءِ انصاف ۽ خود داري جو آھي،باقي سموري ڪھاڻي پٺيان رھجي وئي آھي،جنھن جو اظھار ھو ھر سطح تي ڪري رھيو آھي،ھن تي حملي کانپوءِ ھن جا ڪارڪن ۽ حامي گھڻي جذبات ۽ ڪاوڙ جي ڪيفيت ۾  مبتلا  آھن.زخمي عمران خان ڇا ڪجھھ ڪندو ان جو اندازو تھ وقت سان ٿندو ھو پٺتي ھٽڻ وارو نھ آھي حملي کانپوءِ عالمي ميڊيا ۽ سموري دنيا جا ملڪ ھن تي نظر رکي رھيا آھن ۽ ان سان ھمدري جو اظھار پڻ ڪري رھيا آھن،جنھن ڪري ملڪي سياست تي ھن جي گرفت ڏينھون ڏينھن مضبوط کان مضبوط ٿي رھي آھي. جڏھن تھ شھباز شريف ڏينھون ڏينھن ڪمزور کان ڪمزور ٿي رھيو آھي،ھن وزيراعظم جو عھدو حاصل ڪري پنھنجي سياست جو ذري گھٽ انت آڻي ڇڏيو آھي،دنيا ۾ ڪٿي بھ ھن کي پذيرائي نھ پئي ملي،اتحادي نجي محفلن ۾ ھن بابت جيڪا گفتگو ڪري رھيا آھن اھا ھن تائين نھ پئي پھچي،جيڪڏھن ھي اھو عھدو پ پ پ کي ڏئي ڇڏي ھا تھ شايد پي ڊي ايم کي نسبتن بھتر نتيجا ملي سگھن ھا.

ھن جي مقابلي ۾ آصف علي زرداري انتھائي خوبصورتي سان پاڻ کي  پٺيان رکي ڪري الزامن کان بچائي ورتو آھي،البتھ آصف زرداري کي بلاول ڀٽي کي بھ پٺتي رکڻ گھرجي ھا.ھتي اھو پنھنجو ڪارڊ تڪڙو کيڏي ويو،جنھن جو مستقبل ۾ نقصان ٿي سگھي ٿو.پي ڊي ايم جون جماعتون  ھڪ ڳالھھ جو اندازو نھ پيون ڪري سگھن تھ ھر ڏينھن ارڙھن سالن جي عمر کي پھچندڙ ستر ھزار نوجوانن مان اٽڪل چوڏھن ھزار ووٽر عمران خان طرف مائل ٿي رھيا آھن،جڏھن تھ روزانو پنج ھزار فوت ٿيندڙن ۾ اڪثريت پي ڊي ايم جي ووٽرن جي آھي.ان کانسواءِ پي ڊي ايم جي حامين ۾  بھ مسلسل گھٽتائي ٿي رھي آھي.اھڙي طرح ھڪ محتاط اندازي موجب پي ٽي آءِ جا روزانو ارڙھن ھزار کان ويھھ ھزار ووٽرن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي،اھو سلسلو وڌي رھيو آھي،گھٽجڻ جو نالو ئي نٿو وٺي،مھانگائي ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪر ي ڇڏيو آھي.پي ڊي ايم جي جماعتن وٽ ان جو ڪو علاج ناھي.

عمران خان جي لانگ مارچ جو ايندڙ مرحلو اڃان بھ ڀرپور ھوندو،ھو ان تحريڪ کي ھر گھٽي ۽ محلي ۾ پکيڙي رھيو آھي،سنڌ ۽ بلوچستان جا اھي علائقا جتي پي ٽي آءِ ڪمزور آھي،اتي بھ ان جا اثر پھچي رھيا آھن،مستقبل ۾ سموري ملڪ ۾ ان جو دائرو پکڙجي سگھي ٿو.پي ڊي ايم وٽ واحد رستو اھو آھي تھ اھا عوام کي سھولتون فراھم ڪري،بجلي،گئس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ وڏي پئماني تي گھٽتائي ڪري،صحت،ٽرانسپورٽ۽ بھترين تعليمي سھولتون عام ڪري ۽ جيڪڏھن اھو نٿو ٿي سگھي تھ پوءِ چونڊن جو رستو اختيار ڪري ايندڙ طوفان کي گذرڻ جو رستو ڏئي.اندر ئي اندر جيڪو لائو پچي رھيو آھي،ان کي گذرڻ جو رستونھ مليو تھ ان جو مقابلو پي ڊي ايم نھ ڪري سگھندي ۽ سمورو ملبو ان جي مٿان اچي ڪرندو.

اھو تصور ڪرڻ تھ وقت گذرڻ سان حالتون بھتر ٿي وينديون،خام خيالي آھي،معيشت جي بحالي جي لاءِ عوامي حمايت گھربل آھي،جيڪا مسلسل گھٽجي رھي آھي،مارڪيٽ اعتبار ڪرڻ جي لاءِ تيار ناھي،ادارن ۽ عوام ۾دوري رياست کي ڪمزور ڪري رھي آھي.حڪومت ھوا ۾ موجود،غيرفعال ۽ بي عملي جو شڪار آھي،سڌ سماءٌ جي ذريعن جي ساک پڻ متاثر ٿي رھي آھي،جنھن ۾ عوام کي اھو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي تھ عمران خان تي ڪو حملو ناھي ٿيو.ھاڻ ان جي زخمن جون تصويرون ۽ وڊيوز بھ سامھون اچي ويون آھن،سوشل ميڊيا ۾ مولانا فضل الرحمان جي حوالي سان ان تي تبصرن جو  سلسلو هلندڙ آھي،مولانا جي وڏي غلطي اھا ھئي جو ان کي انھن ماڻھن کي گرفت ۾  وٺڻ گھرجي ھا جن اھا غلط معلومات فراھم ڪئي.حڪومت جيڪڏھن عوامي جذبات ۽ زميني حقيقت جي معلومات کان محروم رھندي تھ پوءِ ڪنھن حادثي جو شڪار ٿي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.