خيرپور ويجهو سيوهڻ حادثي ۾ فوت ٿيل ويهه ڄڻن جا لاش مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا

گذريل ڏينهن سيوهڻ حادثي ۾ فوتين جا مڙهه اباڻي ڳوٺ پهچڻ تي قيامت جا منظر برپا ٿي پيا

قلندر شهباز تي سُک کڻي ويندڙ حادثي جو شڪار هڪ ئي ڪٽنب جي ويهه ڄڻن جا لاش خيرپور جي ڳوٺ دائود ڦلپوٽو ۾ آندا ويا ته ڳوٺ ۾ قيامت جا منظر برپا ٿي ويا

حادثي ۾ فوت ٿيل ويهن ئي ڄڻن جا لاش هڪ ئي وقت جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ اباڻي قبرستان لال گهنڃو ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا، جنازي نماز ۾ سياسي سماجي ڌرين، صحافين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

هڪ ئي ڳوٺ مان ڪٽنب جي ويهه ڀاتين جا لاش کڄڻ تي هر ماڻهو روئندو رهيو، جڏهن ته شهر ۽ آسپاس ۾ ماحول سوڳوار بڻجي ويو آهي.

ڦلپوٽا برادري جو چوڻ آهي ته افسوس جي ڳالهه آهي جو واقعي کانپوءِ ڪو به چونڊيل نمائندو فوتين جي جنازي نماز ۾ نه پهتو نه ئي تڏي تي آيو آهي.

هنن چيو ته واقعي جو ذميوار سنڌ حڪومت آهي، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه تڏي ته نه آيو ته ڌرڻو هڻنداسين

ياد رهي ته گذريل ڏينهن سک کڻي ويندڙ ڦلپوٽا برادري جي وين سان پيش آيل حادثي ۾ ويهه ڄڻا فوت ٿي ويا هئا جڏهن ته ترنهن ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.