ڪراچي ۾ آمريڪي قوصل خاني ۽ ايجوڪيشن يو ايس اي پاران تعليمي هفتو ملهايو ويو

ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل خاني ۽ ايجوڪيشن يو ايس اي پاران تعليم جو عالمي هفتو ملهايو ويو.

عالمي هفتي ۾ 14 کان 18 نومبر تائين پروگرامن ذريعي آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي موقعن توڙي فائدن بابت آگاهي ڏني ويندي.

اُن موقعي تي ڪراچي ۾ مقرر آمريڪي قونصل جنرل نڪول ٽيريو ويچار ونڊيندي چيو ته ، ” ھتي شاگردن کي نه رڳو جديد مھارت ۽ تجربا سکڻ جو موقعو ملندو آھي، پرايڪويھين صديءَ ۾ زندگي گھارڻ دوران پيش ايندڙ لاھن چاڙھن ۽ موقعن کي سمجھڻ جو تجربو پڻ حاصل ٿيندو آھي

اھڙا تجربا ھڪ پاسي دنيا کي پروڙڻ لاءِ شاگردن جي ذھني اوسرڪندا آھن، ته ٻئي پاسي روزگار ۽ نوڪري جي لحاظ سان چٽاڀيٽي جي مارڪيٽ ۾ جاءِ ٺاھڻ لاءِ شعور به وڌندو آھي

نڪول ٽيريو چيو ته آمريڪا ۾ اعليٰ معيار جي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاري جو واضح ثبوت آھن، جڏھن ته پاڪستان سان آمريڪا جي پائيدار ۽ ڀروسي جوڳي ڀائيواري جو زبردست مثال آھن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.