ناياب ميوو ڪيوي کائو ۽ ڊاڪٽر جو خرچ بچايو

ڪيوي ذائقيدار ميوو آهي جنهن جا ڪيترائي فائدا آهن. ماهرن ٻڌايو آهي ته ڪيوي جو استعمال انسان کي ڪيترين ئي بيمارين کان بچائيندو جنهن سان ڊاڪٽر وٽ وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوندي.

ڪيوي ۾ گهڻو فائبر هوندو آهي جنهن جو روزانو استعمال معدي جي مسئلن کان جند آجي ڪندو ۽ قبضي پڻ ختم ٿيندي. ماهرن ٻڌايو ته جيئن توهان کي ننڊ نٿي اچي ته هڪ هفتو ڪيوي کائو، ننڊ نه اچڻ وارن ماڻهن کي ڪيوي کائڻ بعد پرسڪون ننڊ ايندي، ڪيوي کائڻ سان ننڊ 5 کان 13 سيڪڙو تائين بهتر ٿيندي آهي، اهو اکين لاءِ به ڪارائتو آهي.

اهو ميوو چمڙي جا مسئلا به حل ڪندو آهي. ان ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽ چمڙي کي خراب ٿيڻ کان بچائيندو آهي. بهتر نتيجن لاءِ ان جي ٻج کي چهري تي مهٽن گهرجي.

ماهرن موجب دل جي بيماري ۾ مبتلا مريضن کي ڪيوي واپرائڻ گهرجي ان ميوي سان 15 سيڪڙو دل جي بيمارين کان ڇوٽڪارو ملندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.