اهي کاڌا جيڪي 30 ورهين بعد نه کائڻ گهرجن

صحت جي ماهرن ٻڌايو آهي ته عمر جي هڪ حصي تائين پهچڻ بعد مخصوص قسم جي خوراڪ کي نظرانداز ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اها صحت لاءِ هاڃيڪار ٿي سگهي ٿي.

جيئن توهان صحت مند زندگي گذراڻ چاهيو ٿا ته مخصوص قسم جي خوراڪ واپرائڻ گهرجي ۽ ٽيهه ورهين بعد کائڻ پيئڻ جي عادت مٽائڻ گهرجي.

ان خوراڪ ۾ کنڊ سڀ کان اهم آهي ڇاڪاڻ ته ان سان شگر ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي، ميدي جي اٽي مان ٺهيل شين کان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته صحت لاءِ نقصانڪار آهي جڏهن ته ان جي جڳهه تي چڪي جو اٽو هاضمي کي بهتر ڪندو ۽ ڪوليسٽرول ليول ڪنٽرول ڪندو. گهر جو کاڌو وڌ کان وڌ کائڻ گهرجي ٻاهر جو کاڌو صحت لاءِ سٺو ناهي.

ماهرن چيو ته لوڻ کاڌي کي ذائيقيدار بڻائيندو آهي پر ان جو گهڻو استعمال صحت لاءِ سٺو ناهي، تيز مسالن واريون شيون نه کائڻ گهرجن، ان کانسواءِ سويا بين، ڀڳل غذائون ۽ ڪيفين کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ان سان مختلف خطرناڪ بيمارين کان بچاءُ ۾ مدد ملندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.