اهم مقرريءَ تي اتفاق ٿي ويو آهي، رسمي اعلان باقي آهي، هڪ ٻه ڏينهن ۾ ٿي ويندو: راڻا ثناءُ الله

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله انڪشاف ڪيو آهي ته اهم مقرري تي اتفاق ٿي چڪو آهي، معاملو پيپر تي اچڻو ۽ رسمي اعلان باقي آهي.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو منهنجو تجربو آهي ته حساس نوعيت جي فيصلي کان اڳ اتفاق ٿيندو آهي، اهم مقرري تي اختيار وزيراعظم آهي، ان تي اتفاق ٿي چڪو آهي، مقرري جو معاملو پيپر تي اچڻ رهجي ويو آهي، رسمي اعلان باقي آهي، مشاورت مان مراد ڪنهن جو اختيار ته ناهي هوندو، وزيراعظم ڪنهن کان به پڇي سگهي ٿو، باقي فيصلو ته ان کي پاڻ ئي ڪرڻو آهي.

هن چيو ته اها ڪنهن کي سرپرائز ڏيڻ جي ڳالهه ناهي، وزيراعظم مشاورت ڪري چڪو آهي، هڪ ٻه ڏينهن ۾ پيپر تي اچي ويندو، ان ۾ ڪو حرج ناهي، اسحاق ڊار جي جتي مدد گهربل هئي اها حاصل ڪئي وئي،  ڪا اهڙي ڳالهه نٿو ڪرڻ چاهيان ته فيصلي کان اڳ اڳڪٿيون ٿين، منهنجي خيال ۾ مقرري تي ان کان وڌيڪ دير مناسب نه هوندي، هڪ ٻه ڏينهن ۾ فيصلو سامهون اچي ويندو، فيصلي مان مراد آرمي چيف جي مقرري آهي.

سندس چوڻ هو ته عمران خان کي نه پنهنجي عزت جو خيال آهي نه ٻئي ڪنهن جي، 2014 کان مسلسل غلط بياني ڪري رهيو آهي، کيس خبر آهي ته وقت کان اڳ چونڊون نه ٿينديون،  لانگ مارچ ميڊيا ۾ ئي آهي، ڪٿي نظر نه پيو اچي.

راڻا ثناءُ الله چيو اسان پي ٽي آءِ وارن سان ڳالهيون ڪيون ته به عمران خان انهن جي ڳالهه نه مڃيندو، پرويز خٽڪ، شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري سان اسان جي ڳالهه ٻولهه اڳ ۾ به ٿيندي رهي آهي، هڪ ڀيري شاهه محمود قريشي چيو هو ته هي چريو اسان جي ڳالهه ٻڌندو ئي ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.