ڇوڪري جي مرضي بنا نڪاح برقرار نٿو رکي سگهجي: لاهور هاءِ ڪورٽ جو وڏو فيصلو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) جعلي نڪاح نامي خلاف قانوني جنگ وڙهندڙ عورت 10 سالن کانپوءِ ڪيس کٽي وئي، لاهور هاءِ ڪورٽ بختاور بي بي جو سئوٽ معظم سان 2012 جو نڪاح نامو جعلي قرار ڏئي ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عابد حسين چٺا، بختاور خلاف فيملي ڪورٽ ۽ سيشن عدالت طرفان نڪاح کي درست قرار ڏيڻ جي فيصلن کي به ڪالعدم قرار ڏنو.

عدالت قرار ڏنو ته نڪاح جي سڄي ڪهاڻي هڪ ڳجارت آهي، مبينا نڪاح انهن جي ڳوٺ ۾ نه ٿيو، جڏهن ته ان ۾ والدين ۽ مٽ مائٽ به نه هئا، نڪاح نامي جا شاهد معظم جا دوست آهن، جڏهن ته عورت لاءِ اڻڄاتل آهن، حيرت آ ته ٻئي سئوٽ آهن پر نڪاح جا شاهد مائٽ ناهن.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نڪاح رجسٽرار به عورت ۽ ان جي رهائشگاهه بابت نٿو ڄاڻي، بختاور معظم سان 28 مارچ 2012 ۾ ٺهيل نڪاح نامي کي چئلينج ڪيو هو ۽ بختاور موجب هن والدين کي ٻڌايو، جنهن کانپوءِ پنچائت گهرائي وئي ۽ پنچائت ۾ معظم غلطي مڃي طلاق ڏئي ڇڏي.

فيصلي موجب بختاور چئي ٿي ته هن 3 ڊسمبر 2012 ۾ قربان سان شادي ڪري ڇڏي، جنهن جي ٽن مهينن کانپوءِ معظم نڪاح تي نڪاح جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي.

عدالت قرار ڏنو ته عورت جتي شادي کان انڪار ڪري ته کيس پنهنجي دعويٰ جي ثبوت ۾ وڌيڪ شاهدين جو نٿو چئي سگهجي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عابد حسين چٺا طرفان ٻڌايل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڇوڪري جي مرضي بنا ٿيندڙ نڪاح کي برقرار نٿو رکي سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.