”عمران خان جي تازي يوٽرن جي آجيان ڪيون ٿا“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي تازي يوٽرن جي آجيان ڪيون ٿا، نه ڪالهه ڪا آمريڪي سازش هئي نه اڄ آهي.

پرڏيهي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان اڳ به چيو هو ڪجهه يوٽرن سٺا هوندا آهن، جڏهن ته آرمي چيف جي مقرري ۾ پرڏيهي وزير جو ڪردار ناهي.

هن چيو ته گذريل 6 مهينن ۾ اسان ڏکئي وقت مان گذريا آهيون، پرڏيهي پاليسي بابت اسان کي چئلينج هئا، پاڪستان سڄي دنيا سان بهتر لاڳاپن جو خواهشمند آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان جون سموريون ترجيحون پاڪستان جي مفاد ۾ آهن، اسان جي پرڏيهي پاليسي جا هاڪاري اثر سامهون اچي رهيا آهن، سڀني ملڪن سان ٻه طرفن لاڳاپن تي يقين رکون ٿا.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ماضي ۾ به ڏکيائين کي منهن ڏنو پر مضبوط ٿي اڳتي وڌياسين، اسان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪيون ٿا، اميد ٿا ڪيون ته اسان جو پاڙيسري ملڪ دهشتگردن خلاف ايڪشن وٺندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.