مستحقن کي رقم ڏيڻ ۾ بي آءِ ايس پي جو اهم ڪردار آهي: شازيا مري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اٽلي ۾ ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف پي) جي ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ جي وفاقي وزير بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن شازيا مري چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ٻوڏ متاثر 2.8 لک خاندانن کي ٽارگيٽ ڪيش ريليف فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ حڪومت پاران 316 لک ڊالر جي رقم انهن خاندانن ۾ ورڇ ٿي چڪي آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب هن چيو ته پاڪستان کي 2030 تائين غذائي تحفظ جي حوالي سان هدف پورا ڪرڻ لاءِ وڏي ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. پاڪستان جي ٻوڏ ۾ اٽڪل 650،000 ڳورهارين عورتن کي زچگي جون سهولتون حاصل ڪرڻ لاءِ به ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.

هن چيو ته اٽڪل چار لک ٻار صحت جي سهولتن کان محروم آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.