ڪنوار سستو پڙو ٺهرائڻ تي گهوٽ جي زندگي برباد ڪري ڇڏي !

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اتراکنڊ جي علائقي هالدواني ۾ ڪنوار ان وقت شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جڏهن کيس خبر پئي ته گهوٽ جي گهر وارن رڳو 10 هزار رپين ۾ پڙو خريد ڪيو آهي.

ڪنوار جو واسطو الموڙه واري علائقي سان آهي جڏهن ته اهو پڙهو گهوٽيتن خاص لکنو مان گهرايو هو پر پوءِ به ڪنوار کي پسند نه آيو.

اطلاعن موجب گهوٽيتن ڇوڪري کي پسند جو پڙو خريد ڪرڻ لاءِ پنهنجو اي ٽي ايم ڪارڊ به ڏنو پر پوءِ به هو ضد تي رهي.

معاملو ٿاڻي تائين پهتو پوءِ به حل نه ٿيو جنهن بعد رضامندي سان شادي ختم ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.