گيهه ۽ تيل جي اگهن ۾ وڏي لاٿ ٿي وئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يوٽيلٽي اسٽورن تي گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل جي قيمتن ۾ گهٽتائي وئي آهي.

يوٽيلٽي اسٽورز جي ترجمان موجب بناسپتي گيهه جي قيمت ۾ 39 رپيا ۽ تيل جي قيمت ۾ 36 رپين تائين لاٿ ڪئي وئي آهي.

اگهن ۾ لاٿ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، نين قيمتن تي فوري طور عمل ٿيندو.

پڌرائيءَ موجب حبيب بناسپي گيهه جي قيمت ۾ 34 رپيا ۽ حبيب ڪوڪنگ آئل جي في ليٽر قيمت ۾ 36 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

ايوا گيهه پريميئم برانڊ جي قيمت 39 رپيا، سويا سپريم گيهه پريميئم برانڊ جي قيمت 25 رپيا، سويا سپريم ڪوڪنگ آئل جي قيمت 7 رپيا گهٽائي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.