صنم جنگ نئين ڊرامي ۾ ٿلهي ڇوڪري جو ڪردار ادا ڪندي

مشهور اداڪارا صنم جنگ کي جلد نئين ڊرامي ”مونا پياري“ ۾ ڏسي سگهبو جنهن ۾ هوءَ ٿلهي ڇوڪري جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

ڊرراما سيريل پياري مونا جي مرڪزي ڪردار ۾ صنم جنگ ۽ عديل حسين شامل آهن.

پياري مونا ۾ مونا جو ڪردار هڪ اهڙي ٿلهي ڇوڪري جو آهي جيڪا مسلسل ڏکيائين ۽ طعنن مهڻن جو شڪار رهندي آهي ڇاڪاڻ ته هوءَ معاشري جي جوڙيل خوبصورتي جي معيار تي ٺهڪندي ناهي.

ان ڊرامي سيريل ۾ خاص انهن ماڻهن طرف توجه ڏني وئي آهي جيڪي پنهنجي ٿلهي جسم سبب شرم محسوس ڪنديون آهن ۽ خوبصورت نظر اچڻ لاءِ وزن گهٽ ڪرڻ تي مجبور ٿينديون آهن.

صنم جنگ فوٽو اينڊ وڊيو شيرنگ ايپ تي پنهنجي نئين ڊرامي جو ٽيزر شيئر ڪندي لکيو ته مونا جو ڪردار ادا ڪرڻ نه رڳو ڏکيو آهي ۽ ان لاءِ به اهم آهي ته اسان جي انڊسٽري ۾ به سخت معيار ٺهيل آهن ته عورت کي ڪيئن نظر اچڻ گهرجي خاص ڪري جڏهن هو مرڪزي ڪردار هجن.

هن چيو ته اسان جي سماج ۾ عورتن کي ”ڪيتري ٿلهي ٿي پئي آهين“ جهڙن غير اخلاقي تبصرن جو نشانو بڻايو ويندو آهي جيڪي ذهني طور تي گهڻي تڪليف جو سبب آهن، اهو ڪردار ادا ڪرڻ شعوري فيصلو هو ڇاڪاڻ ته اداڪار هجڻ جي حيثيت سان اسان تي ڪجهه سماجي ذميواريون به آهن.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Sanam Jung (@jung_sanam)

ان ٽريلر ۾ سمورن ٿلهن ماڻهن کي بااختيار ڏيکارڻ لاءِ صنم جنگ مونا جي ڪردار کي وڏي مهارت سان پيش ڪيو آهي.

صنم جنگ کي آخري ڀيرو ڊراما سيريل مين نا جانون ۽ قرار ۾ ڏٺو ويو جڏهن ته هاڻي هوءَ نئين ڊرامي پياري مونا ۽ اب نهين ملينگي هم ۾ نظر ايندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.