سيهوڻ حادثي جو ڪيس سرڪاري فرياد تي داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس سيوهڻ ۾ گذريل ڏينهن وين ۾ ٿيڻ واري حادثي جو ڪيس سرڪاري فرياد تي داخل ڪري ڇڏيو.

ڏکوئيندڙ واقعي جو ڪيس اي ايس آءِ اظهر جوکيو جي فرياد تي داخل ڪيو ويو جنهن موجب مسافر وين ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو سوار ٿيل هئا جڏهن ته روڊ تي حفاظتي انتظام به نه ٿيل هئا.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن سوهڻ ٽول پلازا ويجهو بچل چنا تي هڪ تيزرفتار مسافر وين انڊس هاءِ وي روڊ تان ڪٽ لڳل هجڻ سبب ڪري پئي هئي.

شروعاتي جاچ ۾ چيو ويو هو ته وين کڏي ۾ ڪري پر پوءِ خبر پئي ته اهو کڏو نه پر پاڻي وهڪري لاءِ لڳايل ڪٽ هو.

ان پاڻي ۾ ڪرڻ بعد خيرپور کان سيهوڻ طرف مسافر وين ٻڏي وئي هئي، ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿي ويون.

حادثي ۾ 12 ٻارن سميت 20 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا جن جو تعلق خيرپور سان هو. فوتين ۾ عبدالله شاهه اسنسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل هيلٿ نيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.