ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل سوار شاگردن کي ڊمپر جو ٽڪر، هڪ فوت، 2 زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي سرجاني موڙ صائما فليٽ وٽ ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ شاگرد فوت ۽ 2 شاگرد زخمي ٿي پيا.

ٽئي ڀائر موٽرسائيڪل تي سوار ٿي اسڪول وڃي رهيا هئا ته ڊمپر کين ٽڪر هنيو جنهن سبب هڪ ڀاءُ چيڀاٽجي فوت ٿي ويو ۽ ٻه ڀائر زخمي ٿي پيا.

فوتي جي سڃاڻپ 15 سالن جي اظهر پٽ اصغر ۽ زخمين جي 10 سالن جي عثمان ۽ 12 سالن جي عمر طور سڃاڻپ ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.