پاڪ – انگلينڊ ٽيسٽ سيريز بابت اهم خبر

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽيسٽ سيريز شيڊيول موجب ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب پهرين ٽيسٽ راولپنڊي، ٻي ملتان، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ڪراچي ۾ کيڏي ويندي.

سيريز جي تيارين لاءِ قومي ٽيم جي ڪئمپ 24 نومبر کان راولپنڊي ۾ لڳندي، ٽيسٽ سيريز لاءِ ٽيم ۾ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان سان گڏ بلوچستان جي نوجوان وڪيٽ ڪيپر حسيب الله کي موقعو ڏئي سگهجي ٿو، ڇو ته سرفراز احمد کي کيڏائڻ جو امڪان ناهي.

خراب ڪارڪردگي ليگ اسپنر ياسر شاهه کي ڊراپ ڪري سندس جاءِ تي نوجوان اسپنر ابرار احمد کي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، فاسٽ بالرن ۾ محمد عباس جي واپسي ٿيندي، زخمي شاهين آفريدي جي جاءِ تي حارث رئوف اهم هٿيار هوندو.

ذريعن موجب عامر جمال ۽ فهيم اشرف مان ڪنهن هڪ آل رائونڊر جي چونڊ ڪئي ويندي، بيٽنگ لائن ۾ ڪا وڏي تبديلي نه ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.