هلندڙ حڪومت جي دور ۾ موبائيل فونز ۽ گاڏين جي درآمد ۾ وڏي گهٽتائي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومتي قدم جي نتيجي ۾ چئن مهينن دوران موبائيل فونز جي درآمد ۾ 65 سيڪڙو ۽ گاڏين جي درآمد ۾ 80 سيڪڙو کوٽ ٿي آهي.

انگن اکرن جي اداري موجب وفاقي حڪومت پاران درآمدي بل ۾ گهٽتائي لاءِ غيرضروري ۽ لگزري درآمد کي رنڊڪ وجهڻ لاءِ ڪم ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هلندڙ 2022-2023 جي پهرين چئن مهينن جولاءِ کان آڪٽوبر تائين موبائيل فون جي درآمد ۾ 65 سيڪڙو جڏهن ته گاڏين جي درآمد ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي جنهن سان ملڪ جي واپاري خساري ۾ به گهٽتائي ٿي آهي.

رپورٽ موجب ناڻي سال جي پهرين چئن مهينن ۾ 22 ڪروڙ 60 لک ڊالر يعني 50 ارب 41 ڪروڙ رپين جا موبائيل فونز درآمد ڪيا ويا ۽ گذريل سال درآمدي موبائيل فونز جو حجم 107 ارب رپيا رهيو.

انگن اکرن موجب ناڻي سال جي پهرين چئن مهينن ۾ گاڏين جي درآمد ۾ به 80 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، جولاءِ کان آڪٽوبر 37 ڪروڙ 94 لک ڊالرز جون گاڏيون امپورٽ ڪيون ويون ۽ گاڏين جي درآمد تي 74 ارب رپين جيترو ناڻو خرچ ٿيو.

رپورٽ موجب گذريل ناڻي سال جي چئين مهينن ۾ 64 ڪروڙ 32 لک ڊالرز جون گاڏيون درآمد ڪيون ويون، گذريل سال جولاءِ کان آڪٽوبر 106 ارب رپين جي ناڻي جون گاڏيون درآمد ٿيون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.