رونالڊو پهريون ڀيرو منهنجي مخالف ميسي جي کليل دل سان تعريف ڪري ڇڏي

 

پرتگال سان واسطو رکندڙ اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو راند جي ميدان ۾ وڏي عرصي کان پنهنجي مخالف ارجنٽائن اسٽار ليونل ميسي جي حوالي سان پهريون ڀيرو کليل نموني ڳالهايو آهي.

فٽبال جي دنيا جي ٻن عظيم رانديگرن وچ ۾ بهتر رانديگر جي جنگ ڪيترن ئي سالن کان جاري آهي، ان جنگ جي شروعات ان وقت ٿي، جڏهن ميسي بارسلونا ۽ رونالڊو مانچسٽر يونائيٽيڊ طرفان ليگ فٽبال کيڏڻ جي شروعات ڪئي ۽ پوءِ 2009 ۾ اها جنگ ان وقت عروج تي پهتي، جڏهن رونالڊو اسپينش ڪلب ريال ميڊرڊ ۾ هليو ويو.

ٻنهي فٽبالرن عالمي سطح تي فٽبال جا نوان اسٽينڊرڊ سيٽ ڪيا ۽ پنهنجي ٽيمن کي ڪيتريون ئي ٽرافيون کٽرايون آهن.

ڪرسٽيانو رونالڊو تازو هڪ انٽرويو ۾ مختلف معاملن تي ڳالهايو پر انٽرويو جي خاص ڳالهه اها رهي ته هن وڏي عرصي کان پنهنجي مخالف ليونل ميسي جي تعريف ڪندي کيس جادوگر کيڏاري قرار ڏنو.

رونالڊو چيو ته اسان 16 سالن کان هڪٻئي خلاف کيڏي رهيا آهيون، ٿورو سوچيو 16 سال، اسان جو پاڻ ۾ گهرو واسطو آهي، اسان گهاٽن دوستن وانگر ناهيون پر اهو تعلق ٽيم جي هڪ ساٿي جيان آهي.

هن چيو ته ميسي هڪ اهڙو شخص آهي، جنهن جي دل سان عزت ڪيان ٿو، ميسي هڪ عظيم شخص آهي، جنهن فٽبال لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.