ماهرا خان ڀارتي فلم فيسٽيول ۾ ”بهترين اداڪارا“ جو ايوارڊ ماڻي ورتو

دهلي(ويب ڊيسڪ) ماهران خان جي مختصر فلم ”پرنس چارمنگ“۾ شاندار اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ تي اداڪارا کي ڀارتي فلم فيسٽيول ۾ بهترين اداڪارا جو ايوارڊ مليو.

پاڪستان جي سڀ کان وڏي سپراسٽار ماهرا خان تازو نئين دهلي ۾ منعقد ٿيڻ واري ”انڊس ويلي انٽرنيشنل فلم فيسٽيول“ ۾ پنهنجي شارٽ فلم ”پرنس چارمنگ“ لاءِ بهترين اداڪارا جو ايوارڊ ماڻي ورتو آهي.

ان مختصر فلم کي گذريل سال پاڪستاني سپر اسٽارشهريارمنور لکيو جنهن ۾ ماهرا خان پهريون ڀيرو اداڪار زاهد احمد سان گڏ نظر آئي.

پرنس چارمنگ کي مختلف ۽ تخليقي انداز ۾ پيش ڪيو ويو هو جنهن جي ڪهاڻي شادي کانپوءِ ڊپريشن تي هئي جيڪو جديد دور جو اهم مسئلو آهي.

ماهرا خان چيو ته ”هي ايوارڊ انهن سمورين عورتن جي نالي آهي جيڪي شادي کانپوءِ ڊپريشن جو شڪار ٿينديون آهن ۽ خاموشي سان برداشت ڪنديون آهن.

ماهرا خان جو چوڻ آهي ته اسان جو معاشرو ان تي ناهي ڳالهائيندو، اسان اهڙن موضوعن کي اهميت ناهيون ڏيندا.

هن چيو ته کيس خوشي آهي ته ان ڪردار کي ڏسندڙن پسند ڪيو، هي ڪردار سندس دل جي ويجهو آهي. هوءَ ٿورائتي آهي پنهنجي دوست شهريار منور جي جنهن هن تي اعتماد ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.