سياري ۾ خشڪ کنگهه ختم ڪرڻ جا آزمايل گهريلو ٽوٽڪا

سياري جي شروعات سان ئي موسمي بيماريون به ڪر کڻنديون آهن ۽ کنگهه زڪام ٿي پوندو آهي اهو ئي سبب آهي جو سياري ۾ماڻهو سک سان ناهن رهي سگهندا پر مهانگين دوائن ۽ کنگهه وارن شربتن کان بچڻ به ڏاڍو سولو آهي

ان لاءِ ڪجهه آزمايل گهريلو ٽوٽڪا ڪتب آڻي سگهجن ٿا مثال طور ماکي ۽ هيڊ.

ماکي وڏن يا ٻارن ٻنهي لاءِ برابر فائديمند آهي، هي پنهنجي اينٽي بائيوٽڪس خواصن جي ڪري ڳلي جي تڪليف ختم ڪري ٿي ۽ ساهه جي نالي کي صاف ڪري ٿي جنهن سان کنگهه ختم ٿي ويندي آهي

2007 ۾ ڪيل تحقيق موجب ماکي ۾ کنگهه ختم ڪندڙ مرڪب ڊيڪسٽروميٿورفين کان وڌيڪ قوت هوندي آهي جيڪو رات جو ٻارن جي کنگهه ختم ڪرڻ لاءِ ڪم اچي ٿو.

ماکي چانهه يا گرم پاڻي ۾ ملائي به پي سگهجي ٿي پر ياد رهي ته هڪ سال کان گهٽ عمر جي ٻارن کي ماکي گهڻي نه پياريو پر ماهرن طرفان ڏنل صلاح تي عمل ڪريو.

اهڙي ريت هيڊ ۾ زردي وارو رنگ ڏيندڙ ڪيميڪل ڪرڪيومن هوندو آهي جنهن ۾ اينٽي بيڪٽيريئل ۽ اينٽي انفليمينٽري خواص موجود هوندا آهن، پنهنجي خوابن جي ڪري هي خشڪ کنگهه کي فوري ختم ڪري ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.