ڪنب ۾ رولو ڪتن اسڪولي ٻارن سميت 12 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

ڪنب (ويب ڊيسڪ)ڪنب ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، رولو ڪتن اسڪولي ٻارڙن سميت 12 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو.

ڪنب ۾ رولو ڪتن هڪ ئي ڏينهن چئن نينگرن، ٻن نينگرين، هڪ عورت سميت 12 ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو.

زخمين کي تعلقي اسپتال ڪوٽڏيجي ۽ گمس اسپتال گمبٽ نيو ويو، جتي کين ويڪسين ڪئي وئي، ڄڏهن ته ٻن ڄڻن کي گمس اسپتال گمبٽ ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

شهرين انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪتا مار مهم هلائي آزار کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.