ڏندن سان 15 ڪلو وزني ديڳ کڻي رقص ڪندڙ نوجوان وائرل

بدين(ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ وڏن جرئت مند ۽ طاقتور ماڻهو نظر ايندا آهن جيڪي پنهنجي طاقت سان ماڻهن کي ڇرڪائي ڇڏيندا آهن. اهڙو هڪ نوجوان سنڌ سان تعلق رکندڙ عرفان قمبراڻي آهي جنهن پنهنجي معمولي جسم سان هڪ اهڙو ڪارنامو ڪيو جو ماڻهو ڏسندا رهجي ويا.

سنڌ جي ضلعي بدين واسي عرفان قمبراڻي مضبوط ڏند رکندو آهي، جنهن سان هن 15 ڪلو وزني ديڳ سولائي سان کڻي رقص ڪيو ۽ گهميو ڦريو.

عرفان جي ڪجهه عرصو اڳ هڪ خبر وائرل ٿي ه.ي جنهن ۾ هو ڏندن سان ديڳ کڻي نچي رهيو هو، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد هو مشهور ٿي ويو ۽ ماڻهو پري پري کان کيس ڏسڻ ايندا آهن.

ماڻهو اچي سدس رقص ڏسندا آهن ۽ انعام ڏيندا آهن.

عرفان باورچي آهي جيڪو شادين ۾ کاڌا ٺاهيندو آهي، جڏهن ته هن فن سبب کيس خاص مدعو ڪيو ويندو آهي جتي هو نچي ماڻهن کي تفريح فراهم ڪندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.