ڪلفٽن ۾ ٻوڏ متاثر ٻارڙي سان زيادتي ڪيس، چالان پيش ڪرڻ لاءِ مهلت طلب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ ڪلفٽن ۾ ٻوڏ متاثر نينگري سان اجتماعي زيادتي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر چالان پيش ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي آهي.

عدالت 23 نومبر تائين چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته ماءُ پاران حوالگي واري درخواست عدالت پاران منظور ڪئي وئي.

عدالت ماءُ کي 5 لک رپين جي ذاتي مچلڪن عوض نينگري حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

نينگري کي عدالتي حڪم تي دارالامان موڪليو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.