ڪراچي: قائد آباد لڳ 12 ورهين جي ٻارڙي اغوا، جنسي زيادتي بعد تشدد ٿيل لاش هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قائد آباد ويجهو مسلم آباد نالي روڊ جي رهواسڻ 12 ورهين جي منيبا ڌيءَ مقبول جو تشدد ٿيل لاش مليو آهي.

رپورٽ موجب ٻارڙي کي جنسي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو آهي.

زيادتي کانپوءِ قتل ٿيل معصوم ٻارڙي منيبا 2 ڏينهن اڳ لاپتا ٿي وئي هئي جنهن جو تشدد ٿيل لاش مليو آهي.

لاش مڪي مسجد مسلم آباد ڪالوني ويجهو خالي پلاٽ مان مليو آهي.

ايڌي رضاڪارن پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.