ٿڪ جو ننڊ سان ڪهڙو واستو آهي؟ ڇا ننڊ کانسواءِ به توانو رهي سگهجي ٿو؟

هي تيز رفتار دنيا آهي جتي ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه هوندو آهي، نوڪري، ماڻهن سان ملڻ، خاندان ۽ دوستن جو خيال رکڻ، اي ميل ۽ فيس بوڪ چيڪ ڪرڻ، موبائيل تي رابطن ۾ رهڻ.

ان تيزرفتار زندگي سبب اسان اڪثر اهڙو محسوس ڪندا آهيون ته اسان ڪنهن ڪنويئر بيلٽ تي موجود هجون جنهن جي رفتار مسلسل وڌندي رهي ٿي.

نیند

اهڙي دنيا جتي هميشا وڌ کان وڌ حاصل ڪرڻ جي خواهش ٿيندي آهي پر هڪ اهڙي شيءِ به آهي جيڪا مسلسل گهٽجي ٿي اها آهي ”ننڊ“.

سڄي دنيا ۾ ننڊ جي کوٽ تي بحث هلي رهيو آهي جنهن بابت هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ننڊ جي کوٽ سان آمريڪي معيشت کي سالانو چار ٽريلين ڊالر جو نقصان ٿيندو آهي.

ماهرن پاران ننڊ تي تحقيق ڪئي وئي آهي جنهن مان ثابت ٿيو آهي ته انسانن کي 24 ڪلاڪن مان 10.3 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ گهرجي. اسان ايئن ناهيون ڪندا پر ڇهه يا ست ڪلاڪ سمهندا آهيون.

ننڊ انساني صحت لاءِ ڪارائتي آهي جنهن سان يادداشت بهتر ٿيندي آهي ۽ جذبات کي ڪنٽرول ۾ رکڻ سولو ٿي ويندو آهي.

نیند

انسان ڀولڙن جي ڀيٽ ۾ گهٽ سمهندا آهن پر انهن کان وڌيڪ گهري ننڊ سمهندا آهن.

تحقيق موجب اها تبديلي ارڙنهن لک سال پهريون ٿي هئي جڏهن باهه ۽ ڇپري جي دريافت بهتر ننڊ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.

ماهرن ٻڌايو ته 19 صدي سان ننڊ جي حالتن ۾ بهتري آئي آهي جيڪا ٻن مرحلن ۾ ورڇ ٿي وئي. صنعتي انقلاب سان وقت پيسي جيان قيمتي ٿي ويو آهي. ڪم جي ڪارڪردگي ۽ پيداواري صلاحيت کي اهميت ڏني وئي آهي. جلدي اٿڻ جي مهم به هلائي وئي آهي.

نیند

جيڪي نئين طريقيڪار جي خلاف هئا هنن لنڊن ۾ 1851 جي نمائش ۾ ان جو حل ڳوليو. ماهرن ٻڌايو ته هڪ الارم بستري سان لڳايو ويندو آهي جنهن جي گهنٽي وڄڻ بعد هو ڪري پوندو آهي. اهڙي طرح ننڊ ستل ماڻهن جا پير بستري سان ڪري پوندا آهن. بستري هيٺان ٿڌي پاڻي جو هڪ ٽب هوندو آهي جيئن ننڊ مان جلدي جاڳي سگهجي.

اهو واحد طريقو نه هو پر صنعي ترقي سان گڏ ننڊ جي مقابلي لاءِ کوڙ ٻيا طريقا ڳوليا ويا جنهن ۾ مصنوعي روشني جهڙيون شيون به استعمال ڪيون ويون.

نیند

هڪ ماهر ٻڌايو ته 1940 جي ڏهاڪي ۾ ماڻهو هر رات اٺ ڪلاڪ کان وڌيڪ سمهندا آهن. هن جديد دور ۾ ننڊ گهٽجي 6.7 يا 6.8 ڪلاڪ في رات رهجي وئي آهي. 70 سالن جي دوران ان ۾ حيران ڪن کوٽ نظر آئي آهي. اسان ان مرحلي ۾ آهيون جتي ننڊ ويهه سيڪڙو گهٽجي وئي آهي.

جديد دور ۾ گهڻو ڪجهه اهڙو آهي جيڪو ننڊ کي روڪيندو آهي مثال ڪيفين اسان کي جاڳائيندي آهي جڏهن ته شراب خوابن کي روڪيندو آهي.

ننڊ لاءِ وسيلا بهتر ٿيا آهن جيئن بهتر گدا، دوهين کان آجو گهر، پر اها به ڄاڻ ملي آهي ته ماحول کي ڪنٽرول ڪرڻ سان به نقصان رسيا آهن.

ماهرن ٻڌايو ته نيري روشني رات جي وقت ميلاٽونن نالي پروٽين جي نيڪال کي روڪيندي آهي. اهو هارمون اشارو ڪندو آهي ته انسان کي ڪڏهن ننڊ ڪرڻ گهرجي. ان کانسواءِ معاشي ۽ سماجي دٻاءُ به آهي ته اسان گهڻو ڪم ڪيون گهٽ ننڊ ڪيون.نیند

ماهرن موجب ست ڪلاڪن کان گهٽ ننڊ جو اثر صحت تي نظر ايندو آهي. هر وڏي بيماري جيڪا ترقي يافتا ملڪن ۾ انسانن کي ماريندي آهي چاهي ڪينسر هجي، ٿولهه، شگر، بي چيني، ڊپريشن، آپگهات جو وڌندڙ رجحان، سڀين جو ننڊ جي کوٽ سان سڌو واستو آهي.

هنن ٻڌايو ته اٽڪل 65 سيڪڙو ماڻهو وڌيڪ ننڊ ڪرڻ چاهيندا آهن. 1980 جي ڏهاڪي ۾ اٽڪل 30 سيڪڙو ماڻهو ايئن ڪندا هئا. ان جو ڪارڻ آهي ته گذريل دور ۾ ماڻهو وڌيڪ ننڊ ڪندا هئا.

ماهرن ٻڌايو ته ننڊ جي قرباني ڏيڻ اسانن جو فطري عمل آهي پر ٽيڪنالوجي ۽ سماجي تبديلين ذريعي اسان ان جي حد کي وڌايو آهي. سائنس جي مدد سان ننڊ جي ضرورت کي ڪنهن حد تائين گهٽ ڪري سگهون ٿا پر هن وقت به انسان چاهي ته سڀ ڇڏي وڃي بستري تي سمهي پئي اهو ئي سولو حل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.