نواز شريف، فضل الرحمان ۽ آصف زرداري ۾ ٽيليفونڪ گفتگو، اهم مقرري تي اتفاق

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اهم ترين مقرري ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي حڪومت ۽ اتحادي جماعتن جي شروعاتي مشاورت مڪمل ٿي وئي.

شروعاتي مشاورت ۾ اتحادين وفاقي حڪومت کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جون هڪٻئي پويان فضل الرحمان ۽ آصف زرداري سان ڊگهيون ملاقاتون ٿيون، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، عمران خان جي لانگ مارچ سميت ٻين معاملن تي به ڳالهيون ٿيون.

ملاقاتن دوران آصف زرداري ۽ فضل الرحمان سان ن ليگ قائد نواز شريف جي ٽيليفونڪ گفتگو پڻ ٿي.

ذريعن موجب حڪومتي اتحادين وزيراعظم شهباز شريف کي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي ۽ پيغام ڏنو ته اهم مقرري سميت ٻين اهم فيصلن تي وزيراعظم آئيني اختيار موجب قدم کڻي، ملڪي داخلي استحڪام، معاشي ۽ سياسي استحڪام لاءِ گڏجي اڳتي وڌنداسين.

ملاقاتن ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي لانگ مارچ ۽ بيانيي کي اهميت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ٽنهي اتحادي جماعتن مستقبل ۾ به گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو.

ذريعن موجب طبعيت بهتر ٿيندي ئي وزيراعظم شهباز شريف جلد اتحادين سان سڌي ريت ملاقاتون ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.