آرمي چيف جي مقرري جي معاملي تي آصف زرداري جو اهم بيان سامهون اچي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جي مقرري جي معاملي تي پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جو اهم بيان سامهون اچي ويو آهي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته سمورا ٿري اسٽار جنرلز برابر آهن ۽ آرمي جي سربراهي جي مڪمل اهم آهن، اها مقرري سياسي ٿي ته اداري کي نقصان پهچندو.

آرمي چيف جي مقرري جي معاملي تي جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته اسان پاڪ آرمي ۾ پروموشن جي نظام تي مڪمل يقين رکون ٿا، سمورا ٿري اسٽار جنرلز برابر آهن ۽ آرمي جي سربراهي جي مڪمل اهل آهن.

هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري جو معاملو ڪنهن به صورت ۾ سياسي نه ٿيڻ گهرجي، اهو اداري کي نقصان پهچائيندو، آرمي چيف جي مقرري قانون موجب وزيراعظم ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.