دادو ۾ پرڏيهه ويٺل کي ماستري آرڊر ڏيڻ تي آفيسر هاءِ ڪورٽ طلب

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تعليم کاتي ۾ ٿيل تازين ڀرتين بابت نوان انڪشاف سامهون آيا آهن، تعليم کاتي پاران پرڏيهه ۾ رهندڙ هڪ دادو شخص کي استاد طور ڀرتي ڪيو ويو آهي، ميرٽ لسٽ تي متاثر اميدوار محمد فاروق درخواست داخل ڪئي.عدالت، سيڪريٽري تعليم، اي ڊي او دادو سرور ٻٻر ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت حڪم ڏنو ته جواب داخل نه ٿيڻ تي سمورا آفيسر پاڻ عدالت ۾ پيش ٿين، درخواست گذار   ڀرتين جو ذميوار ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ۽ ڊي اي او دادو سرور ٻٻر آهي. عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 30 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. دادو جي تعليم کاتي جي آفيسرن به هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ استادن جي شفاف ڀرتين جو حڪم ڏنو ھو،  درخواستگذار  چيو ته  عبدالحميد کي آڪٽوبر تي دادو تعليم کاتي جي آفيسرن کي آفر ليٽر جاري ڪيو ويو آهي. عبدالوحيد 14 فيبروري کان 20 آڪٽوبر تائين پرڏيهه هو، پرڏيهه ۾ رهڻ دوران عبدالوحيد جو ميڊيڪل ٽيسٽ جو سرٽيفڪيٽ سرڪاري اسپتال مان جاري ڪيو ويو، تعليم کاتي جي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي، عدالت م  عبدالوحيد جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.